Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

ٻانها، انهن جي صحبت، انهن جي احوال ۽ اقوال کان واقفيت به ان سفر کي بهتر بڻائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي، اڄ اسان انهيء باري ۾ مدني گل ٻڌنديون سين۔  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

مون نقصان نه کنيو

   الله وارا دنيا جي بدران هميشه آخرت جو ڌيان رکندا آهن، دنيا جي شيء جي قرباني ڏئي بدلي ۾ آخرت جو فائدو ماڻڻ، انهن جو طريقو رهيو آهي، اچو هن طرح جو هڪ واقعو ٻڌون ٿيون:

  منقول آهي ته صحابي رسول، حضرت سيدُنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انتهائي ڪامياب واپاري هئا، عام طور تي واپاري جي سوچ هوندي آهي ته واپار ۾ فائدو ئي ٿئي نقصان نه ٿئي، هڪ ڀيري حضرت سيدُنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي هڪ گھر جو 6 لکن ۾ وڪرو ڪيائون، ته سندن کي عرض ڪيو ويو: اي ابو عبد الله! (سستو وڪڻڻ جي سبب) اوهان کي ته نقصان ٿي ويو۔ ته حضرت زبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ارشاد فرمايائون: هرگز نه! خدا جو قسم! توهان ڄاڻي وٺو ته مون کي نقصان نه ٿيو ڇوته مون اهو مال راھ خدا ۾ ڏئي ڇڏيو آهي۔ (يعني صدقو ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو خوش نصيب مسلمان راھ خدا ۾ پنهنجو مال صدقو ڪندو آهي ته اهو هرگز نقصان ناهي کڻندو بلڪ هو ته ان جي بدلي ۾ ملڻ واري عظيمُ الشّان ثواب جو حق دار پڻ ٿيندو آهي ۽ ان جي بَرَڪت سان ان جي مال ۾ به خوب اضافو ٿيندو آهي.) (عمدة القاري ڪتاب الخمس،باب برڪة الغازي،ج۱۰، ص ۴۶۴ ملخصاً) اهو به منقول آهي ته حضرت سيدُنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا هڪ هزار غلام هئا جيڪي سندن کي زمين جي پيداوار ۽ فديو وغيره ڏيندا هئا، پر ان مان هڪ درهم به سندن گھر ۾ نه ويندو هو، بلڪ پاڻ تمام جو تمام مال صدقو ڪندا هئا۔        (عمدة القاري ڪتاب الخمس،باب برڪة الغازي،ج۱۰، ص ۴۶۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد