Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
آخرت سنورجي سگھي ٿي، اهي نيڪ انسان يڪدم ڪندا آهن، تنهنڪري اسان کي به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان جو اٿڻ ويهڻ، ميل جول اهڙين اسلامي ڀينرن سان هجي جيڪي هن فاني دنيا جي رنگينين کي وساري فڪرِ آخرت ڏانهن مائل هجن، خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي جي لازوال دولت سان مالا مال هجن، محبتِ صحابه ۽ اهلِ بيت جي دولت سان سرشار هجن، مٿي کان پيرن تائين سنتن جون پابند هجن، اطاعتِ الٰهي ۽ اتباعِ رسول جو مقدس جذبو رکنديون هجن، جن جي صحبت جي برڪت سان عمل جو جذبو وڌندو هجي، جن جي صحبت جي برڪت سان گناهن کان نفرت ۽ فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي هجي.
حضرت سَيدُنا مُصْلحُ الدِّين سعدي شيرازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سٺي صحبت جي اهميت کي نهايت خوب صورت انداز ۾ بيان فرمايو آهي جيئن پاڻ ”گلستانِ سعدي“ ۾ فرمائن ٿا، جنهن جو ترجمو ڪجھ هن طرح آهي: يعني هڪ ڏينهن خوشبو واري مٽي حَمَّام ۾ مون کي هڪ دوست جي هٿن مان ملي، مون ان مٽي کي چيو ته تون مُشڪ آهين يا عنبر! تنهنجي دلڪش خوشبو مون کي مَست ۽ بيخود ڪيو آهي (هي ٻڌي مٽي چيو) مان ته حقير (يعني ادنيٰ) مٽي هئس، پر هڪ عرصي تائين مان گُلن جي صحبت ۾ رهيس پوءِ هم نشين جي جمال مون ۾ اثر ڪيو (ته مان خوشبودار ٿي ويس) نه ته مان ته اها ئي خاڪ ۽ مٽي آهيان جيڪا پهريان هئس۔ (گلستان سَعدي ص۴)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيتري قدر ممڪن هجي نيڪ ۽ صالحه اسلامي ڀينرن جي صحبت کان وابسته رهو ڇوته سٺن جي صحبت انسان ته انسان جيڪڏهن ڪنهن جانور کي به نصيب ٿي وڃي ته پوءِ اهو عام جانور نٿو رهي بلڪ ان جي صحبت ۽ نسبت جي برڪت سان ان جي شان و