Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
شوڪت ۽ اهميت و رِفعت ڪيئي ڀيرا وڌي ويندي آهي،
اَصْحابِ ڪهف رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم جي ڪتي ئي کي ڏسو جو پهريان اهو هڪ عام ڪتّو هو پر ان کي اَصحابِ ڪهف رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم سان محبت ۽ اُلفت ٿي وئي تنهنڪري اهو ان الله وارن جي محبت ۾ انهن جو رفيق ۽ شريڪِ سفر ۽ محافظ بڻجي ويو، اولياء ڪرام رَحْمَة اللّٰه عَلَيهم اَجۡمَعِين جي صحبت ۽ نسبت جون برڪتون ڇا نصيب ٿيون، ان جي ته قسمت چمڪي پئي ان جو مقام ۽ مرتبو ايترو بلند ٿيو جو ربِّ ذُوالجلال ان کي پنهنجي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم ۾ پنهنجي مقبول ٻانهن يعني اصحابِ ڪهف رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم سان گڏ ان جو به ذڪر فرمايو، جيئن سيپاري 15سورة الڪهف جي آيت نمبر18 ۾ ارشادِ خداندي آهي:
وَ كَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَیْهِ بِالْوَصِیْدِؕ (پ۱۵،الڪهف:۱۸)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ سندن ڪُتو پنهنجُون ڪَارايون پکيڙِيندڙ آهي غار جِي چائنٺ تي
حضرت سَيدُنا اِمام ابوعبدُالله محمد بن اَحمد قُرطبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن نيڪ ٻانهن ۽ اولياء ڪرام رَحْمَة اللّٰه عَلَيهم اَجۡمَعِين جي صحبت ۾ رهڻ جي برڪت سان هڪ ڪتّو ايترو بلند مقام ماڻي ويو جو الله تعاليٰ ان جو ذڪر قرآنِ پاڪ ۾ فرمايو ته ان مسلمان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي جيڪو اولياء ڪرام رَحْمَة اللّٰه عَلَيهم اَجۡمَعِين ۽ نيڪ ٻانهن سان محبت ڪرڻ وارو ۽ ان جي صحبت کان فيضياب ٿيڻ وارو آهي بلڪه هن آيت ۾ ان مسلمانن جي لاءِ تسلّي آهي جيڪي ڪنهن بلند مرتبي تي فائز نه آهن۔ (تفسیر قرطبی، پ۱۵،الکھف، تحت الآیۃ: ۱۸،الجزء۱۰،۵/۲۶۹) يعني ان جي لاءِ تسلّي آهي جو اهي پنهنجي ان محبت ۽ عقيدت جي ڪري الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ ڪامياب ٿيندا۔ (صِراطُ الجِنان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۱۸، ۵/۵۵۰)