Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
رهي ڪري سنتن ڀري اجتماع ۾ ٿيڻ وارو بيان ٻڌو ۽ روئي ڪري دعا گهري. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهي اجتماع ۾ شرڪت جي برڪت سان ان کي گناهن کان توبهه ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي، فڪر آخرت ملي. جنهن تي استقامت ماڻڻ جي لاءِ انهن مدني انعامات تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. مدني انعامات جي برڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان کي چل مدينه جي سعادت به حاصل ٿي.(اسلامي ڀينرن جي نماز، ص 290)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
ٻيو طريقو نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان پنهنجي آخرت جي تياري ڪرڻ جا طريقا ٻڌي رهيون هيوسين، آخرت جي تياري ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان الله وارن جا تذڪرا ٻڌون ۽ انهن جي سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪري ان کي پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪريون۔ جهڙي طرح ڪو شخص پنهنجي دُنيا کي بهتر کان بهترين ڪرڻ جي لاءِ فڪر مند رهي ٿو، الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها ان کان وڌيڪ پنهنجي آخرت جي بهتري جي لاءِ مصروفِ عمل هوندا آهن، اهي ماڻهو پنهنجون زندگيون هن طرز سان گذاريندا آهن جو بعد وارن جي لاءِ صرف انهن جو ذڪر ڪرڻ به الله پاڪ جون رحمتون ماڻڻ جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ ان ڪري جڏهن ڪو الله وارن سان وابسته ٿي وڃي ته اهو به انهن جي رنگ ۾ رنگجي آخرت کي بهتر بنائڻ ڏانهن مائل ٿي ويندو آهي۔ انهن جي سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪرڻ وارو بڻجي ته جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت شامل ٿي وڃي ته ان ۾ به اهو ئي انداز پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندو جيڪو آخرت جي تياري ۾ فائديمند ٿي سگھي۔ ان کي به اها مدني سوچ ملي ويندي، جنهن سان آخرت بهتر ٿي سگھي ٿي۔ ڇوته الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها پنهنجي آخرت کي بهتر بڻائڻ جو ڪو به موقعو هٿ مان وڃڻ ناهن ڏيندا، هر اهو ڪم جنهن سان انهن جي