Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

وارين ڳالهين تي عمل دلين جي صفائي جو سبب آهي۔ ٭ احياء العلوم انسان کي ’’ڪامل انسان‘‘ بنائڻ وارو ڪتاب آهي۔ اميرِ اهلسنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن ڪتاب جي اَهميت بيان ڪندي فرمائن ٿا: باطن جي اِصلاح ۾ حُجَّةُ الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مون تي وڏو اِحسان آهي۔ سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا ڪتاب مِنهاجُ العابِدِين ۽ اِحياءُ العُلُوم وغيره پڙھندي ڪيئي ڀيرا اهو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ مون کي ئي ڪن پڪڙي سمجھائي رهيا آهن ته ”وڏو نيڪ سڏائين ٿو ٿورو پنهنجو اندر ته ڏس! تو ۾ ته هي به خرابي آهي ۽ تنهنجي اندر ته هوءَ به بُرائي آهي، ۽ جڏهن به پڙهندو آهيان ائين لڳندو آهي ته رُوح کي نئي نئي غِذا ملي رهي آهي، سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا ڪتاب هڪ ٻه ڀيرا پڙهي رکڻ وارا نه آهن، زِندگي جي آخري پساھ تائين پڙهڻ لائق آهن۔“

اهو به ياد رهي ته هلاڪت ۾ وجھڻ وارن عملن جي ضروري معلومات ۽ انهن کان بچڻ جي طريقن بابت ڄاڻ فرض آهي، اهڙي طرح نجات ڏيارڻ وارن عملن جي ضروري معلومات ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا ڄاڻڻ به فرض آهن ۽ احياء العلوم ان علم کي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي۔

نجات ڏيارڻ وارن عملن جي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب "نجات دِلانے والے اعمال کی معلومات مع 41 حڪايات " به بهترين مددگار آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

8 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’مدني انعامات‘‘

8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني انعامات تي عمل  به آهي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جا عطا ڪيل 63 مدني انعامات