Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
باقاعده ”احڪامِ تجارت“ جي نالي سان سلسلي جي ترڪيب آهي، جنهن ۾ دارالافتاء اهلسنّت جا مُفتي صاحب سوالن جا جواب قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ عنايت فرمائيندا آهن، الغرض تِجارت (Trade)کي صحيح معنيٰ ۾ اِسلامي انداز سان پيش ڪرڻ جي لاءِ، دعوتِ اسلامي جي اها مجلس ڪوشش ۾ مصروف آهي۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح، کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، ۱ /۹۷،حدیث:۱۷۵ )
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
”گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون “سنتون ۽ آداب
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’101 مدني گل‘‘ مان ” گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب“ ٻڌون ٿيون: ٭ جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو: ”بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ‘‘ ترجمو: الله جي نالي سان، مون الله ڪريم تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ نه (گناهن کان بچڻ جي) قوت آهي ۽ نه (نيڪيون ڪرڻ جي) طاقت آهي۔ (ابو داود،۴/۴۲۰،حديث:۵۰۹۵) انشآءَالله! انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهنديون مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ الله ڪريم جي مدد شاملِ حال رهندي ٭ گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا: اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَسْئَلُکَ خَیْرَ الْمَوْلَجِ وَخَیْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللهِ وَلَجْنَا