Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

هئڻ گھرجي ۽ هڪ ٻانهو ڪهڙي طرح هميشه پنهنجي آخرت کي ياد رکي سگھي ٿو؟ اچو هن جا ٻه طريقا ٻڌون ٿيون۔

پهريون طريقو موت کي ياد رکڻ!

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! آخرت جي تياري ڪرڻ جي لاءِ موت کي ياد ڪرڻ نهايت ضروري آهي، ڇوته موت آخرت جي پهرين ڏاڪڻ آهي ۽ موت آخرت جو پهريون مرحلو آهي۔ موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ ڄڻ ته آخرت جي سمورن مرحلن کي ياد ڪرڻ آهي جو جڏهن ٻانهو موت کي ياد ڪندو ته ربّ کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ڏانهن وڌندو، اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڪهڙي ڪم ۾ منهنجي ربّ جي رِضا آهي ۽ ڪهڙو ڪم ان کي ناراض ڪرڻ وارو آهي، پوءِ اهو ربّ جي احڪامن جي مطابق ان جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويندو۔ الله وارا سڄي زندگي فڪرِ آخرت ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، ان ڪري جو اهي ڪثرت سان موت کي ياد ڪندا هئا ۽ انهن کي موت زندگي کان وڌيڪ عزيز هوندو هو۔

موت زندگي کان وڌيڪ محبوب

      مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”احياء العلوم مترجم“ جلد 5 صفحي 476 تي آهي ته جڏهن حضرت سَيدُنا حذيفه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وفات جو وقت ويجھو ٿيو ته پاڻ فرمايائون: اي ڪريم رب! توکي معلوم آهي ته مون پنهنجي مالداري کان وڌيڪ غربت (Poverty) کي محبوب رکيو آهي، مون پنهنجي صحت کان وڌيڪ بيماري کي پسند ڪيو آهي ۽ مون زندگي کان وڌيڪ موت کي محبوب رکيو آهي، تنهنڪري تون مون تي موت آسان ڪر ته جيئن مان تو سان ملاقات ڪري سگھان۔

جيڪڏهن اسان الله وارن جي زندگين جو مطالعو ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهي اها ڳالھ ڪڏهن نه وساريندا هئا ته اسان کي اها دنيا ڇڏي وڃڻو آهي، انهن کي اهو هميشه ياد رهندو هو ته اسان هن دنيا ۾ مسافر جيان