Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho
آهيون، ان ڪري اهي فڪرِ آخرت ۾ مبتلا رهندا هئا ۽ دنيا ڏانهن بلڪل به توجھ نه ڪندا هئا۔
جيئن منقول آهي ته حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڀيري مڪه معظمه ۾ تشريف فرما هئا۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ظاهري شان ۽ شوڪت سان بي نياز هئا، ان ڪري سندن کي نهايت ساده ۽ معمولي قسم جو لباس پاتل هئو۔ حضرت سيدُنا عبدالرحمن طُوسي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرض ڪيائين: اوهان وٽ هن جي علاوه ٻيو ڪو ڪپڙو نه آهي۔ اوهان وقت جا اِمام ۽ قوم جا پيشوا آهيو، هزارين ماڻهو اوهان جا مُريد آهن؟ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جواب ڏنائون: اهڙي شخص جو لباس ڇو ڏسو ٿا جيڪو هن دنيا ۾ هڪ مسافر جيان مقيم هجي ۽ جيڪو هن ڪائنات جي رنگينن کي فاني ۽ وقتي تصور ڪندو آهي۔ جڏهن ڪائنات جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا ۾ مسافر جيان رهيا ۽ ڪجھ مال دولت گڏ نه ڪيائون ته منهنجي ڇا حيثيت ۽ حقيقت آهي۔‘‘ (احياء العلوم، ۱/۱۹)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سادگي ۽ پنهنجي موت ۽ آخرت کي ياد ڪرڻ جو انداز ۽ جذبو مرحبا، اي ڪاش جو اسان به امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيان هميشه موت ۽ آخرت کي ياد رکڻ واريون بڻجي وڃون۔ اچو! پنهنجي وقت جي مجدد ۽ امام حضرت سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو اڃا وڌيڪ ذڪرِ خير ٻڌون ٿيون:
حضرتِ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تمام وڏا عالم ۽ الله پاڪ جا ولي هئا، ٭ حضرتِ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس جُمَادَي الاُخريٰ جي 14 تاريخ جو آهي۔