Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Ho

پساھ اسان کي قَبر جي کڏ جي ويجھو ڪري رهيو آهي۔ ٭ اسان جو هر پساھ ڄڻ ته عالمِ دُنيا کان عالَمِ برزخ ڏانهن وڏي تيزي سان وڌندڙ هڪ قدم آهي، ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي موت جي ملائڪ سان ملائڻ جي طرف کڻي وڃي رهيو آهي، ٭ اسان جو هر پساھ دنيا جي سفر کي مختصر ڪندو پيو وڃي، ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي راھ آخرت سان ملائڻ جو وسيلو بڻجي رهيو آهي۔ جيئن ئي اهو ساھ اسان جو بند ٿيو ، ته اسان جي عمل وارو سلسلو به رڪجي ويندو، پوءِ حسرت ۽ افسوس جي سِوا ڪجھ نه ورندو، ايتري به مُهلت نه ڏني ويندي جو هڪ ڀيرو ”سُبْحَانَ الله“ چئي پنهنجي نيڪين ۾ ئي اضافو ڪري سگھون۔ انهيءَ ڪري دنيا ۾ مليل هن زندگي کي غنيمت سمجھندي نيڪيون ڪمائڻ ۽ آخرت کي بهتر بڻائڻ ۾ لڳي وڃڻ گھرجي۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر شيء جو ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي، اسان جي پائڻ لاءِ ڪپڙا هجن، لکڻ جي لاءِ قلم هجي، رهڻ جي لاءِ گھر هجي، هٿ ۾ ٻڌل گھڙي هجي، سڀني جو ڪجھ نه ڪجھ مقصد ضرور آهي ۽ هر هڪ شيء پنهنجي مقصد جي تڪميل جو سبب بڻجي رهي آهي، ٿورو سوچيو! جڏهن ڪائنات جي هر شيء پنهنجي اندر ڪو نه ڪو مقصد رکي ٿي ته ڇا انسان بي مقصد پيدا ڪيو ويو آهي؟ ڇا هن اشرفُ المَخلُوقات جي پيدا ڪرڻ جو ڪو مقصد ناهي؟ ڇا حضرتِ انسان جي پيدائش بِلاوجه ۽ بِلا مقصد آهي؟ نه! نه هرگز نه! انسان کي هن دنيا ۾ بيڪار ناهي پيدا ڪيو ويو جيئن سيپاري 18 سورة المُؤمِنُون آيت نمبر115 ۾ ارشاد آهي:

اَفَحَسِبْتُمْ اَنَّمَا خَلَقْنٰكُمْ عَبَثًا وَّ اَنَّكُمْ اِلَیْنَا لَا تُرْجَعُوْنَ(۱۱۵) (پ۱۸،المؤمنون:۱۱۵)                                                    

ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ ڇا توهان اهو سمجهيو آهي ته اسان توهان کي بيڪار پيدا ڪيو آهي ۽ توهان کي اسان جي طرف موٽڻو نه آهي.

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! قرآنِ پاڪ جي هن آيت سڳوري