Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

ڪمي جو خوف ڏياري صدقي کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ اچو! هن شيطاني وار کي ناڪام بڻائڻ ۽ راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ نهايت ئي پياري حڪايت ٻڌو۔

خرچ ڪريو الله ڪريم عطا فرمائيندو

حضرت سَيدُنا قيس بن سَلع انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته سندن ڀائرن حضورِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ان جي باري ۾ شڪايت ڪئي ته هو فضول خرچي ڪري ٿو ۽ ان مُعاملي ۾گھڻو هٿ جو کليل آهي، ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي فرمايائون: تنهنجي ڀائرن جو ڇا مسئلو آهي، هو هن گمان تي تنهنجي شڪايت ڪري رهيا آهن ته تون پنهنجي مال ۾ گھڻي فضول خرچي ڪرين ٿو ۽ تنهنجو هٿ گھڻو کليل آهي؟ مون عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان آمدني مان پنهنجو حصو وٺي الله جي راھ ۾ ۽ پنهنجن دوستن ۾ خرچ ڪيان ٿو ته رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي سيني تي هٿ مبارڪ رکي  3 ڀيرا فرمايائون: خرچ ڪر الله توکي عطا ڪندو۔ حضرت سَيدُنا قيس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ان کان بعد جڏهن به مان راھ خدا ۾ نڪرندو هئس ته مون وٽ پنهنجي سواري هوندي هئي ۽ هاڻي مان مال ۽ آسائش ۾ پنهنجي اهلِ خانه (ڀائرن) کان وڌيڪ آهيان۔ (معجم الأوسط، ۶/۲۱۰،حديث:۸۵۳۶)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نيڪ عمل تي آخرت جو بنياد آهي

اي عاشقان رسول! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن موت ايندو آهي ته اهل و عيال، رشته دار ۽ دوست احباب سڀئي هتي رهجي ويندا آهن۔ صرف مردي کي تنگ ۽ انڌيري قبر ۾ لاٿو ويندو آهي۔ ها صرف عمل ئي اهڙي شيء آهي جيڪو قبر ۾ ڪم ايندو آهي۔ اهي مٽ مائٽ جن کي چين واري ننڊ سمهارڻ جي لاءِ پنهنجون ننڊون قربان ڪيون وينديون آهن، جن جو مستقبل بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني ويندي آهي، جن جي سهولتن