Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

مجلسِ رابطه بِالعُلماء

اي عاشقانِ علماء و اوليا! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ خدمتِ دين جي ڪم و بيش 105 شُعبن ۾ سُنّتن جون ڌُومون مچائي رهي آهي، جن مان هڪ شعبو مجلس رابطه بِالعلماءبه آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شَيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي علماءِ اهل سنت سان مَحَبَّت جي نتيجي ۾ عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي هڪ شُعبو بنام ’’مجلس رابطه بِالعلماء‘‘ به قائم ڪيو آهي۔ ته جيئن ان جي ذريعي عاشقانِ رسول عالم سڳورن ۽ مَشائخِ عِظّام (۽ مسجدن جي امامن، خطيبن، مُدرسن) کي عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جي دِيني خِدمتن کان آگاه ڪيو وڃي، انهن سان رابطو ڪري انهن کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪيو وڃي ۽ ان سان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ڪمن ۾ مُعاوَنت حاصل ڪئي وڃي۔ ۽ انهن جون دُعائون ورتيون وڃن ۽ عاشقانِ رسول مَدرسن ۽ جامعات ۾ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ڪمن جي ترڪيب ڪئي وڃي۔ انهن جي طالبن ۽ استادن کي دعوت اسلامي جي هفته وار اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرائي وڃي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)