Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

پرُاڻي ناهي ٿيندي ۽ گناھ وساريو ناهي ويندو، جزا ڏيڻ وارو (يعني الله پاڪ) ڪڏهن فنا نه ٿيندو، تنهنڪري جيڪو چاهيو بڻجي وڃو، توهان جهڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ۔“ (مصنف عبدالرزاق،ڪتاب الجامع،باب الاغتياب والشتم،۱۰ / ۱۸۹،حديث: ۲۰۴۳۰)

حضرت علّامه عبدُالرؤوف مُناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني جهڙو توهان ڪندؤ تهڙو توهان کي ان جو بدلو ملندو، جيڪو توهان ڪنهن سان ڪندؤ اهو ئي توهان سان ٿيندو۔ (التيسير بشرح الجامع الصغير،۲/۲۲۲)

بونے والے جو بوئیں وہ کاٹیں                                                یہ   ہوا    تو    میں   مر   مٹا   یاربّ!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٻين  سان چڱو  ورتاؤ  ڪريو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته ٭ ڪنهن کي تڪليف نه ڏيون، ٭ ڪنهن جي شيء نه چوري ڪيون ، ٭ ڪنهن جي شيء تي بغير شرعي اجازت قبضو نه ڪريون، ٭ ڪنهن کي ڌوڪو نه ڏيون ٭ ڪنهن تي ڪوڙا اِلزام نه لڳايون، ٭ ڪنهن جو قرض نه ڦٻايون ٭ ڪنهن جي گھريلو زندگي زهر نه ڪيون ٭ ڪنهن جي باري ۾ بدگمانيون نه ڦهلايون ٭ ڪنهن جي دل نه ڏکايون ٭ ڪنهن جون پرپٺ برائيون نه ڪيون ٭ ڪنهن جو مذاق اڏائي ان جي عزت جو جنازو نه ڪڍون ٭ سازشون ڪري ڪنهن جي ترقي ۾ رڪاوٽ نه بڻجون ٭ ۽ ڪنهن جون برائيون ماڻهن ۾ ڦهلائي ان کي بدنام نه ڪريون ڇوته اڄ اسان جنهن سان جيئن ڪنداسين ته سڀاڻي اهو ئي اسان سان به ٿي سگھي ٿو۔ ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسان هر هڪ جي عزت جو تحفظ ڪنداسين، هر امانت جو تحفظ ڪنداسين ۽ وقت تي واپس موٽائينداسين، هر هڪ سان سچ ڳالهاينداسين، هر هڪ جو احترام (Respect) ڪنداسين، هر هڪ جي باري ۾ حُسنِ ظن رکنداسين، هر هڪ جي خيرخواهي ڪنداسين ته ڪجھ بعيد ناهي ته اسان سان به هر هڪ اهو ئي ورتاؤ ڪرڻ لڳي۔ ياد رکو! جهڙي طرح برو عمل ٻانهي تي برائي جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي اهڙي طرح چڱو