Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

سٺن عملن جون برڪتون

اي عاشقان رسول! معلوم ٿيو ته اخلاص سان ڪيا ويندڙ نيڪ عملن جي برڪت سان انسان وڏين وڏين مصيبتن کان بچي ويندو آهي۔ ٭ چڱن عملن جي برڪت سان الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي، ٭ چڱن عملن جي برڪت سان جنّت جون لازوال نعمتون نصيب ٿينديون آهن۔ ٭ چڱن عملن جي برڪت سان عذابِ قبر وحَشر کان نجات ملندي آهي، ٭ چڱا عمل گناهن جي مغفرت جو ذريعو آهن، ٭ چڱا عمل رحمتِ الٰهي جي نزول جو سبب آهن ٭ چڱن عملن جي بدلي دنيا ۽ آخرت ۾ سٺو بدلو ملندو آهي ٭ چڱا عمل قبر ۾ سٺيون سٺيون ۽ پياريون شڪلون اختيار ڪري ايندا ۽ راحت ۽ سڪون جو سبب بڻجندا، ٭ چڱن عملن جي ڪري انسان ماڻهن ۾ چڱو سڃاتو ويندو آهي. ٭ چڱن عملن جي سبب عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي، ان ڪري چڱا عمل ڪرڻ ۾ دنيا ۽ آخرت ۾ سلامتي ۽ عافيت به آهي ۽ نجات به آهي۔ چڱا عمل، ويتر چڱن عملن جي توفيق جو سبب بڻجندا آهن.

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ                                                                   گناہوں سے ہر دم بچا یاالٰہی!

دنيا دارُالعَمَل آهي  

هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي دنيا عمل ڪرڻ جي جڳھ آهي ۽ آخرت دَارُالجَزَاء بدلو ملڻ جو مقام. اسان دنيا ۾ جيڪو چڱو يا بُرو ٻج پوکيندا آهن ان جو فصل آخرت ۾ لڻنداسين، سٺو يا بُرو بدلو ملڻ کي سنڌي ۾ ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“، ”جھڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ“، ”جهڙي پوکيندؤ تهڙي لڻندؤ“ جڏهن ته عربي زبان ۾ کما تَدِينُ تُدَان چيو ويندو آهي۔

جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي

اها ئي ڳالھ اسان جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هنن لفظن ۾ بيان فرمائي آهي: اَلْبِرُّ لا يبْلَي وَالاِ ثْمُ لا يُنْسَي وَالدَّيانُ لَا يمُوتُ فَکنْ کمَا شِئْتَ کمَا تَدِينُ تُدَانُ يعني نيڪي