Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هي دنيا عمل ڪرڻ جي جڳهه آهي اسان هتي جيڪو به عمل ڪنداسين ان جي سزا يا جزا اسان کي آخرت ۾ ملندي، عمل چڱو هوندو ته ان جي جزا به چڱي ملندي ۽ عمل برو هوندو ته ان جو نتيجو به برو ئي ملندو، اڄ جي بيان ۾ اسان چڱن عملن جي برڪتن جي باري ۾ ٻڌنداسين، نيڪ عمل جي اهميت بابت به ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔ هن ۾ شڪ ناهي ته عملن جي جزا جو دارومدار آخرت تي آهي پر دنيا ۾ به چڱن عملن جون برڪتون ظاهر ٿي وينديون آهن، هن باري ۾ ڪجھ واقعا ۽ مدني گل به پيش ڪيا ويندا۔ ان سان گڏوگڏ شهزاده اعليٰ حضرت مولانا حامد رضا