Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

ان کي وڌيڪ غم ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو۔ ٭ جيڪو شَخص آخِرت ۾ پيش ايندڙ معاملن کي ياد رکي ٿو ۽ بروزِ قيامت پيش ايندڙ سختين ۽ گھٻراهٽن کي هر دم پيشِ نظر رکي ٿو ته ان جي دل دنيا کان کڄي ويندي آهي۔ ٭ جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته توکي راحت ۽ سڪون ۽ عظيم نعمتون ملن ته رات جو گھٽ سمهندو ڪر ۽ شب بيداري کي پنهنجو معمول بڻائي وٺ۔ ٭ جڏهن توکي ڪو نصيحت ڪري، نيڪي جي دعوت ڏئي ۽ برائي کان منع ڪري ته ان جي دعوت قبول ڪر۔ ٭ تُون پنهنجي پوئنين جي رزق جي فڪر ۾ غمگين نه ٿيءُ ڇوته توکي انهن جي رزق جو مڪلف ناهي ٺاهيو ويو۔ ٭ تون پنهنجو پاڻ کي ان عظيم ڏينهن جي لاءِ تيار رک جڏهن تنهنجي ملاقات الله پاڪ سان ٿيندي، تون ان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندين پوءِ توسان سوال جواب ٿيندا، ان سخت ڏينهن جي تياري ۾ هر وقت پاڻ کي مشغول رک۔ ٭ نيڪ عملن جي ڪثرت ڪر ۽ پنهنجي آخرت جي خزانن کي نيڪ عملن جي دولت سان جلد کان جلد ڀرڻ جي ڪوشش ڪر۔ ٭ فضول مصروفيات کي ڇڏي ڏي ۽ موت کان پهريان موت جي تياري ڪري وٺ نه ته بعد ۾ گھڻو پڇتائو ٿيندو۔ ٭ جنهن وقت تنهنجو روح نڪري رهيو هوندو ۽ ڳلي تائين پهچي وڃي ته تنهنجون تمام محبوب شيون جن جي تون خواهش ڪندو هاڻي سڀئي دنيا ئي ۾ رهجي وينديون ۽ ان وقت تنهنجي حسرت اِنتها تائين پهچي چڪي هوندي تنهنڪري ان وقت کان پهريان آخرت جي تياري ڪري وٺ۔

                                                            (عيون الحڪايات،ص۱۵۱)

کچھ نیکیاں کما لے جلد آخرت بنا لے                                                کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زندگی کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

چڱن عملن جي جزا جنت آهي

اي عاشقانِ اولياء! واقعي خوش نصيب آهي اهو انسان جيڪو هن فاني دنيا ۾ نيڪ عملن جي صورت ۾ هميشه رهڻ واري آخرت جي تياري ڪري