Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیںاورآداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو”شيطان جي انسان سان دشمني“ يقينًا هر شخص پنهنجي دشمن جي شر کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ دشمن جيترو وڌيڪ مظبوط هجي، ان کان محفوظ رهڻ جي ايتري ئي وڌيڪ احتياط ڪئي ويندي آهي، انسان جو سڀ کان وڌيڪ ۽ خطرناڪ دشمن شيطان آهي. اولياء ڪرام کان وٺي عام انسانن تائين هرهڪ سان دشمني رکندو ۽ انهن کي ڀٽڪائڻ جي لاءِ طرح طرح جي حيلن ۽ بهانن سان ڪم وٺندو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ڪيترن ئي مقامن تي شيطان جي دشمني جي سڃاڻپ ڪرائي آهي، آئنده هفتي شيطان جي انسان سان دشمني جي متعلق آيتون، مبارڪ حديثون، بزرگانِ دين جا واقعا ۽ شيطان جي وار کي ناڪام بڻائڻ جا طريقا به ٻڌنداسين. تنهنڪري آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد