Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

عمل چڱائي جون ڪيئي صورتون بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ آخرِ ڪار چڱي عمل جي جزا ضرور ملندي آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

روزانو چڱا عمل ڪرڻ جو نسخو!

اي فاني دنيا ۾ رهڻ وارا اسلامي ڀائرو! زندگي جو ڪو ڀروسو ناهي، هنن پساهن کي غنيمت سمجھندي نيڪين جي ذريعي پنهنجي آخرت بهتر بڻائڻ گهرجي، پساهن جي اها مالا خبر ناهي ته ڪڏهن اوچتو ٽٽي وکري وڃي ۽ خدانخواسته اسان کي گُناهن کان توبه جو وَقت به نه ملي سگھي ۽ اسان جي آخرت برباد ٿي وڃي۔ تنهنڪري اسان کي به پنهنجي آخرت بهتر بڻائڻ جي لاءِ روزانو ڪجھ نه ڪجھ سٺا عمل ڪرڻ جو هدف بڻائڻ گھرجي ته جيئن نيڪ عملن جي عادت بڻجي سگھي۔ ان جو آسان طريقو هي آهي ته سٺين سٺين نيتن سان مدني انعامات تي عمل ۽ روزانو فڪرِ مدينه جي ذريعي مدني انعامات جو رسالو ڀريو ۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني انعامات روزانو نيڪيون ڪمائڻ جو اهو عظيم مدني نسخو آهي جو جنهن جي ذريعي صبحِ صادق کان وٺي رات سمهڻ تائين چڱا عمل ڪرڻ جا گھڻا موقعا ملن ٿا۔ مثال طور نمازِتهجد، فجر نماز کان پهريان مسلمانن کي نماز جي لاءِ جاڳائڻ يعني صداءِ مدينه لڳائڻ، فجر کان پوءِ مدني حلقي ۾ 3 آيتون ترجمي ۽ تفسير سان تلاوت ڪرڻ يا ٻڌڻ، اشراق وچاشت جا نفل پڙھڻ، پنجئي نمازون باجماعت پهرين صف ۾ ادا ڪرڻ، نمازِ پنجگانه کان پوءِ ۽ سمهڻ وقت گھٽ مان گھٽ هڪ هڪ بار آية الڪرسي، سورة الاخلاص ۽ تسبيحِ فاطمه پڙھڻ، ۽ رات ۾ سُورةُ المُلڪ پڙھڻ يا ٻڌڻ، مدني درس (درسِ فيضانِ سُنّت وغيره) ڏيڻ يا ٻڌڻ جي سعادت ماڻڻ، مدرسة المدينه (بالغان) ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ۔ هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت، مدني دوري ۾ شرڪت جي علاوه ٻين مدني انعامات تي عمل جي ذريعي ثواب جو وڏو خزانو حاصل ڪري سگھون ٿا۔