Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

ان کی سنَّت کا جو آیئنہ دار ہے                                             بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

  اچو! شيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”101 مدني گل“ مان سلام جي باري ۾ ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: ٭ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ٭ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد 3 صفحي 459 تي لکيل مسئلي جو خلاصو آهي: ”سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت، آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿو“ (بهار شريعت ،۳/۴۵۹،حصه ۱۶ ملخصا) ٭ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ٭ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي۔ ٭ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله پاڪ جو مُقرّب آهي. ٭ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي: سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ، ڪتاب، ۶/۴۳۳،حديث:۸۷۸۶) ٭ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. (ڪيميائے سعادت،۱/۳۹۴) ٭ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ڪي ماڻهو سلام سان گڏ جنّت المقام ۽ دوزخ الحرام جا الفاظ به وڌائيندا آهن اِهو غلط طريقو آهي، بلڪ ڪي ته مَعاذالله عَزَّوَجَلَّ ايتري تائين بڪندا آهن، اوهان جا ٻار اسان جا غلام. ٭ سلام جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجِب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي۔