Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

رات خواب ۾ پاڻ کي ڏسي پڇيائون: بابا سائين! ڪهڙو حال آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون: منهنجا پٽ! معاملو ته ايترو مشڪل ۽ سخت هو جو تون تصور به نٿو ڪري سگھين، جڏهن مان پنهنجي رب ڪريم جي بارگاھ ۾ حساب جي لاءِ بيٺس ته ان فرمايو: منهنجا ٻانها! ٻڌاءِ! منهنجي لاءِ ڇا کڻي آيو آهين؟ مون عرض ڪيو: ياالله! سٺ حج آندا آهن۔ جواب مليو: مون کي ان مان هڪ به قبول  ناهي۔ اهو ٻڌي مون تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي۔ الله پاڪ ٻيهر پڇيو: ٻڌاءِ! ۽ ٻيو ڇا آندو اٿئي؟ مون عرض ڪيو: هڪ هزار درهم جو صدقو ۽ خيرات۔ ارشاد ٿيو: انهن مان هڪ درهم به مون کي قبول ناهي۔ مون چيو: يا الٰهي! پوءِ ته مان هلاڪ ٿي ويس ۽ هاڻي منهنجي لاءِ تباهي ۽ بربادي آهي۔ ته ربِّ ڪريم فرمايو: ڇا توکي ياد آهي ته هڪ ڀيرو تون پنهنجي گھر کان ٻاهر ڪيڏانهن وڃي رهيو هُئين جو راھ ۾ تو هڪ ڪنڊو ڏٺو ۽ ماڻهن کي اذيت سان محفوظ رکڻ جي نيت سان اهو ڪنڊو کڻي راھ تان هٽايو هيئي، مون تنهنجو اهو ئي عمل قبول ڪيو ۽ ان جي ڪري تنهنجي بخشش ڪري ڇڏي۔

ڪايات الصالحين،ص۵۱)

گناہگار طلبگارِ عَفْو و رَحمت ہے                                           عذاب سَہنے کا کس میں ہے حوصلہ یاربّ!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نيڪ عمل ضايع ناهي ويندو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان اهو درس مليو ته ڪڏهن بظاهر معمولي نظر ايندڙ نيڪي به ٻانهي جي نجات جو سبب بڻجي سگھي ٿي۔ ان ڪري ڪنهن به نيڪ عمل کي معمولي سمجھي نظر انداز نه ڪرڻ گھرجي۔ ڇوته الله پاڪ جي رضا جي خاطر جيڪو به نيڪ عمل ڪيو ويندو آهي اهو ڪڏهن ضايع ناهي ويندو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد