Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

جي لاءِ پنهنجو چين ۽ قرار وڃائڻو پوندو آهي۔ جيئن ئي زندگي جو سفر ختم ٿيڻ لڳندو آهي انهيءَ گھر وارن کي پنهنجي فڪر ستائڻ لڳندي آهي، مستقبل جي غيريقيني صورتحال انهن کي غمگين ڪندي آهي۔ عام طور صورتحال هي آهي ته هر عزيز هن فڪر ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ته منهنجو ڇا ٿيندو۔ هن ڳالھ جو فڪر شايد ڪنهن کي ناهي هوندو ته مرڻ واري سان ڇا ٿيندو۔ بدقسمتي سان ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ميت اڃان گهر ۾ رکيل هوندي آهي ۽ ميت جا وارث ان جي جائيداد ۽ پيسن جي تقسيم جي لاءِ وڙهي رهيا هوندا آهن، اي ڪاش! مرڻ واري کان عبرت حاصل ڪندي اسان پنهنجي موت جي تياري ۾ لڳي وڃو. ان ڪري اڄ وقت آهي پنهنجي ايندڙ وقت جو فڪر ڪريو، ۽ ڪرڻ گهرجي. نيڪ عمل جي صورت ۾ برزخ ۽ آخرت ۾ ڪم ايندڙ نيڪيون گڏ ڪرڻ گهرجن۔ هن ڳالھ کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته مرڻ کان بعد صِرف ۽ صِرف نيڪ عمل ڪم ايندا، بُلند وبالا گھر، عالي شان مَحل، اُچا اُچا مڪان، مال ۽ دولت جي ڪثرت، بينڪ بيلنس، وڏو ڪاروبار، وڏا وڏا پلاٽ، سرسبز فصل ۽ خوشنما باغ، انهن مان ڪجھ به قبر ۾ گڏ نه ويندو۔ بلڪ اهو سڀ جو سڀ هتي ئي رهجي ويندو۔

دِلا غافل نہ ہو یکدم یہ دنیا چھوڑ جانا ہے                               بغیچے  چھوڑ کر خالی زمین اندر سمانا ہے

ترا   نازک   بدن   بھائی  جو   لیٹے  سیج پھولوں  پر                            ہو گا اک دن بے  جان اسے کیڑوں نے کھانا  ہے

تُو اپنی موت کو مت بھول! کر سامان چلنے کا                         زمیں کی خاک پر سونا ہے اِینٹوں کا سِرہاناہے

نصيحت ڀريا جملا

حضرت سيدنا محمد بن حسين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرت سيدنا ابو معاويه اسود رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي آڌي رات جو ڏٺو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسلسل روئي رهيا هئا ۽ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زبان مبارڪ تي هي نصيحت ڀريا جملا جاري هئا: ٭ خبردار! جنهن شخص دنيا ئي کي پنهنجو عظيم مقصد بڻائي ورتو ۽ هر وقت انهيء کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل رهيو ته سڀاڻي بروزِ قيامت