Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي يومِ عرس جي مناسبت سان سندن سيرت جون ڪجھ جھلڪيون به بيان ڪيون وينديون۔ ڪاش! سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صَدَقي ۽ خيرات سان مصيبتون ٽرنديون آهن

منقول آهي ته الله پاڪ جي پياري نبي حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي هڪ امتي جي گھر ۾ وڻ هو۔ هڪ ڪبوتريءَ ان وڻ تي آکيرو ٺاهي ورتو، ان ۾ آنا لاٿا ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ آنن مان ٻچا نڪتا ته ان شخص جي ٻارن جي ماءُ چيو: وڻ تي چڙھ ۽ پکيءَ جي ٻچن کي پڪڙ، انهن کي پچائي ٻارن کي کارايون ٿا۔ ان شَخص ائين ئي ڪيو۔ ڪبوتريءَ حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي بارگاھ ۾ شڪايت ڪئي ته اوهان جي امتي هن طرح ڪيو آهي۔ حضرت سيدنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي گھرائي آئنده ائين ڪرڻ کان روڪيائون ۽ اهو به فرمايائون ته آئنده ائين ڪندؤ ته سزا ملندي۔ ان آئنده ائين نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ هليو ويو۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪبوتري ٻيهر آنا لاٿا پوءِ ان مان ٻچا نڪتا۔ ان شَخص جي زال ٻيهر ان کي ان تي اڀارڻ لڳي۔ ان چيو: مون کي حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام منع فرمايو آهي۔ عورت چيو: توهان ڇا سمجھو ٿا ته حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام تنهنجي ۽ ان ڪبوتريءَ جي لاءِ فارغ ويٺا هوندا، سڄي دنيا تي سندن حڪومت آهي، اهي پنهنجي بادشاهي جي معاملن ۾ مصروف هوندا، جلدي ڪر ۽ ڪبوتري جي ٻچن کي پڪڙي اچ۔ زال جو جواب ٻڌي، هو وڻ تي چڙهيو ۽ ۽ ڪبوتريءَ جي ٻچن کي پڪڙي آندائين ۽ پچائي کائي ويو۔ ڪبوتري ٻيهر حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي بارگاھ ۾ شڪايت ڪئي۔ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي گھڻو جلال آيو ۽ اوڀر ۽ اولھ جي ڪنارن مان ٻن جِنّن کي سڏي فرمايائون: توهان ٻئي فلاڻي وڻ وٽ ترسو۔ اهو شَخص آئنده جيڪڏهن انهيء ارادي سان وڻ تي چڙھي ته ان جو هڪ پير اوڀر ڏانهن ۽ ٻيو اولھ ڏانهن ڇڪجو، اهڙي طرح ان