Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

نافرمان جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏجو۔ حڪم ملندي ئي ٻئي جنّ ٻڌايل وڻ وٽ پهچي ويا۔ اهو شَخص ٽئين ڀيري وڻ تي چڙھڻ جي لاءِ تيار ٿيو ئي هو جو ڪنهن فقير ماني گھري، ان پنهنجي زال کي چيو: هن فقير کي ڪجھ ڏئي ڇڏيو۔ عورت چيو: مون وٽ ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ نه آهي۔ اهو شَخص پاڻ ڪمري ۾ ويو، ان کي ماني جو هڪ گرھ مليو، اهو ئي گرھ ان فقير کي ڏنو، پوءِ وڻ تي چڙھي بنا ڪنهن تڪليف جي آساني سان ڪبوتري جي ٻچن کي پڪڙي ورتو۔ ڪبوتري ٻيهر شڪايت ڪئي، ته حضرت سَيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ٻنهي جنّن کي سڏائي ارشاد فرمايائون: ڇا توهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي آهي؟ انهن عرض ڪيو: يا نَبِي اللّٰه! اسان هرگز اوهان جي حڪم جي خلاف ورزي ناهي ڪئي، اسان ته اوهان جو حڪم ٿيندي ئي ان وڻ وٽ پهچي وياسين پر جڏهن اهو شخص وڻ تي چڙھڻ لڳو ته ڪنهن سوالي ماني گھري، هن ان کي ماني جو هڪ گرھ ڏنو ۽ پوءِ ٻيهر وڻ تي چڙھڻ لڳو، اسان ان کي پڪڙڻ جي لاءِ وڌياسين ته الله پاڪ ٻه ملائڪ اسان ڏانهن موڪليا۔ انهن اسان کي گردن مان جھلي ۽ اولھ ۽ اوڀر ڏانهن اڇلائي ڇڏيو۔ اهڙي طرح هڪ گرھ صدقو ڪرڻ جي برڪت سان اهو هلاڪت کان محفوظ رهيو۔ (عيون الحڪايات،ص۳۹۵)

کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حسنؔ                       بندہ بھی ہوں تو کیسے بڑے کارساز کا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان ٻه مدني گل حاصل ٿيا۔ هڪ مدني گل اهو حاصل ٿيو ته ٻانهي کي معلوم هجي يا نه هجي پر نيڪ عمل جون برڪتون ضرور ٿينديون آهن۔ ها ڪڏهن اهي برڪتون ظاهر ٿي پونديون آهن ۽ ڪڏهن ظاهر ناهن ٿينديون۔ ان ڪري ڪو به نيڪ عمل چاهي ڪيترو ئي ننڍڙو ڇو نه هجي ان کي ترڪ نه ڪرڻ گھرجي۔ نيڪ عملن جو هن دنيا ۾ به فائدو ٿيندو آهي پر اسان کي هر ڀيري نظر ناهي ايندو. آخرت ۾ الله پاڪ جي رحمت سان ضرور ان جو فائدو ٿيندو ۽ اسان کي نظر به ايندو۔ هڪ ڪامل مسلمان جي نشاني به اها ئي آهي ته هو نيڪ عمل ماڻهن کي ڏيکارڻ، دنيا جو فائدو ماڻڻ يا پنهنجي واهه