Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

جي عذاب کان ڊڄن ٿا اهي آخرت ۾ جَنّتي وڻن جي ڇانوَ ۽ جنت ۾ جاري چشمن ۾ هوندا ۽ جن ميون مان انهن جي دل چاهي ان مان لذت ماڻيندا ۽ جنتين کي چيو ويندو ته پنهنجي انهن نيڪ عملن جي بدلي ۾ جيڪي توهان دنيا ۾ ڪيا هئا، مزي سان لذيذ ۽ خالص شيون کائو ۽ پيئو۔ ( صراط الجنان،۱۰/۵۰۳)

يقيناً عقلمند شَخص اهو ئي آهي جيڪو جنّت جي هميشه رهڻ وارين نعمتن کي هن جهان جي فاني نعمتن تي ترجيح ڏئي ۽ انهن نعمتن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جيڪي هميشه رهڻ واريون آهن۔ يقيناً دُنيا جي مَحَبَّت ۽ مال ۽ زَر جي خواهش کان بچي جنّت ماڻڻ جي لاءِ عمل ڪرڻ اِنتهائي دُشوار مَرحلو آهي۔ پر جيڪڏهن اسان آخرت ۾ ملندڙ آسانين، خوشين ۽ آسائشن تي نظر رکنداسين ته يقيناً اسان جي لاءِ عمل ڪرڻ آسان ٿيندو۔ هن کي ائين سمجھو ته جيڪڏهن اسان جي سامهون 100روپيا ۽ هڪ لک روپيا رکيا وڃن ۽ انهن مان هڪ کي کڻڻ جو اِختيار ڏنو وڃي ته يقيناً اسان مان هر شَخص هڪ لک روپين تي ئي نظر رکندو ۽ هڪ لک روپيا ئي کڻڻ چاهيندو، 100 روپين ڏانهن ڪو به عقلمند نظر کڻي به نه نهاريندو۔ بلڪل اهڙي طرح دُنيا وَمَافِيها يعني (دُنيا ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ آهي) ان جو مثال 100 روپي جي نوٽ جهڙو آهي۔ جڏهن ته آخرت ۾ ملڻ وارا فائدا ۽ جنَّت ۾ ملڻ واريون نعمتون ته اهڙيون آهن جو جن جو ڪو مٽ ئي ناهي ڇوته دُنيا جي عارضي نعمتن جو جنَّت جي هميشه رهڻ واري نعمتن سان ڪو مُقابلو ئي ناهي۔ اچو ترغيب جي لاءِ ”جنَّت جون ڪجھ بهارون“ ٻڌون ٿا:

جنت جون بهارون:

جيڪڏهن جنَّت جي ڪا شيء ننهن برابر دُنيا ۾ ظاهر ٿئي ته تمام آسمان ۽ زمين ان سان سينگارجي وڃن۔ (ترمذي، ڪتاب صفۃ الجنۃ، باب ما جاء في صفۃ أھل الجنۃ،۴/۲۴۱، حديث: ۲۵۴۷) جنّت جون دِيوارون سون ۽ چاندي جي سرن ۽ مُشڪ جي گاري سان بڻيل آهن۔ (مجمع الزوائد، ڪتاب أھل الجنۃ، باب في بناء الجنۃ وصفتها،۱۰/۷۳۲، حديث: ۱۸۶۴۲) جنت ۾ چار دريا آهن، هڪ پاڻي