Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

اسان جو به مقدر بڻجي سگھن ٿيون جڏهن اسان سٺن عملن جا حريص بڻجي وڃون ۽ خوب خوب نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ ڪجهه نيڪ عمل اهڙا هوندا آهن جيڪي بظاهر ننڍڙا محسوس ٿيندا آهن پر انهن جون اهڙيون اهڙيون برڪتون ظاهر ٿينديون آهن جو عقل حيران ٿي ويندو آهي۔ اچو! هن بابت هڪ روايت ٻڌون ٿا:

راهه تان ڪنڊو هٽائڻ بخشرائي ڇڏيو

الله پاڪ جا ولي حضرت سَيدُنا منصور رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن مرض الموت ۾ مبتلا ٿيا ته روئڻ لڳا ۽ ايترا بيقرار ٿيا، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي ٻار جي موت تي بيقرار ٿيندي آهي۔ ماڻهن پڇيو: حضرت! اوهان ڇو روئي رهيا آهيو؟ جڏهن ته اوهان ته وڏي پاڪيزه ۽ پرهيز گاري واري زندگي گذاري آهي ۽ اَسّي سال (80) پنهنجي رب ڪريم جي عبادت ۽ بندگي ڪئي آهي۔ پاڻ فرمايائون: مان پنهنجي گناهن جي نحوست تي لڙڪ وهائي رهيو آهيان، جن جي ڪري مان پنهنجي رب ڪريم جي رحمت کان پري آهيان۔ اهو فرمائي پاڻ ٻيهر روئڻ لڳا۔ پوءِ ڪجھ دير کان پوءِ پنهنجي پٽ سان مخاطب ٿي فرمايائون: منهنجا پٽ! منهنجو چهرو قبلي ڏانهن ڪيو ۽ جڏهن منهنجي پيشاني تان قطرا ظاهر ٿيڻ لڳن ۽ منهنجي اکين مان لڙڪ وهي پون ته منهنجي مدد ڪجانءِ ۽ ڪلمو شريف پڙھجان، شايد مون کي ڪجھ افاقو ٿئي ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ جڏهن مون کي دفن ڪريو ۽ منهنجي قبر تي مٽي وجھي چڪو ته اتان کان موٽڻ ۾ جلدي نه ڪجان، بلڪ منهنجي قبر جي سيراندي بيهي لَا اِله الا الله محمدرسول الله پڙھجان، جو ان سان مون کي منڪر نڪير جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ آساني ٿي سگھي ٿي، ان کان پوءِ هٿ کڻي اها دعا ڪجان: اي مالڪ! هي تنهنجو ٻانهو آهي، هن جيڪي گناھ ڪيا سو ڪيا، جيڪڏهن تون ان کي عذاب ڏئين ته اهو ان جو ئي حق دار آهي ۽ جيڪڏهن تون ان کي معاف ڪري ڇڏين ته اهو تنهنجي شايانِ شان آهي۔ پوءِ مون کي الوداع چوندي واپس موٽي وڃجان۔ ان جي انتقال کان پوءِ پٽ سندن وصيتن تي عمل ڪيو۔ پوءِ ان ٻي