Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

شروع ڪري ڇڏيو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون وڏيون برڪتون پنهنجي اکين سان ڏسنداسين۔ اچو! اسان سڀئي گڏجي نيت ڪريون ٿا ته اسان به فيضانِ مدني انعامات مان حصّو ماڻڻ جي لاءِ هر مهيني مدني انعامات جو رِسالو حاصل ڪنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ هڪ وقت مقرر ڪري روزانو فڪرِ مدينه جي سعادت حاصل ڪنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ، هر مهيني پابندي سان پنهنجي ذميدار کي مدني انعامات جو رِسالو جمع به ڪرائينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

مَدَنی اِنعامات كے عامِل  پہ ہر دم ہر گھڑی

یاالٰہی!خُوب برسا رَحْمتوں كی تُو جَھڑی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مدني انعامات تي عمل ڪندڙن جي لاءِ دُعاء عطار

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شيخِ طريقت،اميراهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني انعامات جو سلسلو ڇو شروع فرمايو، ان جو سبب بيان ڪندي فرمائن ٿا: ”مَدَني ڪم ۾ ترقي، اَخلاقي تربيت ۽ تقويٰ ملي، هن غَرَض سان مون مَدَني انعامات“ جو سلسلو شروع ڪيو۔ (جنّت ڪے طلبگاروں ڪے ليے مدني گلدسته،ص۲۵) جڏهن مون کي خبر پوندي آهي ته فُلاڻو اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ جو ”مَدَني انعامات“ تي عمل آهي ته دل باغ باغ بلڪه باغِ مدينه ٿي ويندي آهي يا ٻڌندو آهيان ته فُلاڻي زبان ۽ اکين جو يا ان مان ڪنهن هڪ جو ”قفلِ مدينه“ لڳايو آهي ته نهايت خوشي ملندي آهي۔“ ”مَدَني انعامات“ جي مُطابق عمل ڪرڻ وارن کي اميرِاهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي دعائن سان ڪهڙي طرح نوازين ٿا، اچو! اسان به ٻڌون ٿا: "الله پاڪ اوهان کي مدينه منوره جي سدا بهار گلن جيان مسڪرائيندو رکي، ڪڏهن به اوهان جون خوشيون ختم نه ٿين، حيات ومَمَات (يعني زندگي ۽ موت)، بَرزَخ ۽ سَڪرات (حالتِ نزع) ۽ قيامت جي خوفناڪ گھڙين ۾ هر جڳھ خوشيون ئي خوشيون نصيب ٿين، الله پاڪ اوهان جي ۽ تمام قبيلي جي مغفرت ڪري، جنتُ الفِردَوس ۾ اوهان کي پنهنجي پياري