Book Name:Achy Amaal Ki Barkten

واهه ڪرائڻ جي لاءِ ناهي ڪندو بلڪه فقط الله پاڪ جي رضا ۽ خوشي ان جي پيش نظر هوندي آهي۔ انهيء اخلاص جو ڦل ان کي دنيا ۾ به ڪڏهن نظر اچي ويندو آهي۔ جيئن ته اسان هن حڪايت ۾ ٻڌو۔

صدقو ڪريو ۽ ڪيترو ڪريو

ٻيو مدني گل هن حڪايت مان اهو معلوم ٿيو ته صدقو ڏيڻ جون گھڻيون برڪتون آهن، صدقو ڏيڻ سان بلائون ٽرن ٿيون، صدقو ڏيڻ سان مصيبتون پري ٿين ٿيون، ۽ صدقو ڏيڻ سان پريشانيون ختم ٿين ٿيون، صدقو ڏيڻ سان بيمارين کان نجات ملندي آهي۔ تنهنڪري راھ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪرڻ گھرجي۔ صدقو خيرات ڪرڻ جو اهو مطلب ناهي ته اسان جيستائين امير ۽ مالدار نه ٿي وڃون، خوب بينڪ بيلنس نه بڻائي وٺون، سٺو گھر، گاڏي ۽ نوڪر چاڪر وارا نه ٿي وڃون ان وقت تائين صدقو ئي نه ڪريون بلڪ اسان کي جيتري اِستِطاعَت آهي ان جي مطابق ننڍڙي شيء به خالص الله پاڪ جي لاءِ خرچ ڪنداسين ته ان جو فائدو دنيا ۾ به ملندو ۽ آخرت ۾ به نَجات جو سبب ٿيندو جيئن ته فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: اِتَّقُواالنَّارَ وَلَوْ بِشِقِّ تَمْرَۃٍ يعني باھ کان بچو، توڙي جو کجور جي هڪ ٽڪري (کي خيرات ڪرڻ) جي ذريعي۔ (بخاری، کتاب الرقاق،باب من نوقش الحساب عذب، ۴/ ۲۵۷،حديث: ۶۵۴۰)

هن حديثِ پاڪ ۾ اُنهن ماڻهن جي لاءِ دلاسو آهي، جيڪي مَعاشي پريشانين ۾ مبُتلا هئڻ جي باوجود صَدَقو ۽ خَيرات ته ڪن ٿا پر معمولي شيء صَدَقو ڪرڻ جي ڪري دل ننڍي ڪندا آهن حالانڪ صَدَقو چاهي گھٽ هجي يا گھڻو، جيڪڏهن حلال مال مان اِخلاص سان ڏنو وڃي ته يقيناً ثواب جي لحاظ کان نهايت ئي سٺو آهي۔ اها ڳالھ پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته جيڪڏهن مان خرچ ڪندس ته منهنجي مال ۾ ڪمي ٿي ويندي، مان پنهنجون ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندس؟ منهنجي گھر ۽ ٻارن ٻچن جا خرچ ڪيئن هلندا؟ ياد رکو! اها شيطان جي چال آهي اهو نٿو چاهي ته اسان الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪري اجر ۽ ثواب جا حقدار بڻجي وڃون، ان ڪري هو اسان کي مال ۾