Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

ڪن ٿا: ’’جيڪو دُنيا ۾ ڪنهن جا تقريبًا ٽي (3) پيسا دَين (يعني قرض) ڦٻائي وٺندو، بروزِ قيامت ان جي بدلي ست سو (700) باجماعت نمازون ڏيڻيون پونديون۔‘‘ (فتاويٰ رضويه،۲۵/ ۶۹)

بے سبب اے خدا کردے بخشش                                       حَشْر میں مجھ سے کرنا نہ پُرسِش

نام غَفّار مولیٰ تِرا ہے                                                       یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے

 

(2) ٻيو مدني گل اهو مليو ته پهريان جي عورتن ۾ نامحرمن کان شرعي پردو ڪرڻ جو مدني جذبو تمام گھڻو موجود هو، جيئن ته سرڪارِ بغداد، حُضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والده رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي باري ۾ اسان ٻڌو، اهو ئي سبب آهي جو انهن جي نسلن ۾ اولياءِ ڪاملين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اجمعين پيدا ٿيندا هئا۔ پر هاءِ! هاڻي ته هر پاسي بي پردگي ۽ بي حيائي جي آفت پنهنجي وڪڙ ۾ ماڻهن کي قابو ڪري رکيو آهي۔ طِب، سفر، تعليم، بينڪنگ، صحت، راند، واپار، ميڊيا ۽ ٽيلي ڪام وغيره مختلف شعبن ۾ بي پردگي عام ٿيندي پئي وڃي، دُنياوي شعبن ۾ عوامي رهنمائي ۽ خدمت جو شايد ئي ڪو اهڙو شعبو (Department) هجي جتي بي پرده ۽ ماڊرن عورتون موجود نه هونديون هجن۔ اهڙي طرح مڱڻي، شادي، وليمو، عيد، سالگره، عقيقو، ويلنٽائن ڊي، نيو ائير نائٽ، بسنت ۽ جشنِ آزادي جي موقعن تي به اڪثر عورتون چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪري سرِ عام بي حيائي جا تمام ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏينديون آهن۔ جڏهن ته الله ڪريم عورتن کي پنهنجي گھرن ۾ رڪيو رهڻ جو حڪم ۽ شرعي ضرورت ۽ حاجت جي بغير پنهنجي گھرن مان نڪرڻ کان منع فرمايو آهي، جيئن

سپاري 22 سُورَةُ الاَحزاب آيت نمبر 33 ۾ فرمايو ويو:

وَ قَرْنَ فِیْ بُیُوْتِكُنَّ وَ لَا تَبَرَّجْنَ تَبَرُّجَ الْجَاهِلِیَّةِ الْاُوْلٰى (پ 22 الاحزاب 33)                    

ترجموڪنزالايمان: ۽ پنهنجي گھرن ۾ پيون رهو ۽ بي پرده نه رهو اڳوڻي جاهليت جي بي پردگيءَ وانگر۔