Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

شخصيات کي به نيڪي جي دعوت ڏيو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو! الله وارا مرتبو ۽ منصب رکڻ وارن جي رُعب ۽ دٻدٻي کان متاثر ناهن ٿيندا، الله وارا وڏي منصب وارن جي چاپلوسي ناهن ڪندا، الله وارا دنياوي عهدن تي فائز ماڻهن کي بُرائي ۾ مُبتَلا ڏسي خاموش نٿا رهي سگھن، الله وارا اُنهن کي به نصيحت (Advice) جا مَدَني گل ڏيندا آهن۔ ڇوته دولت مندن جي خُوشامد ته اهو ڪري جنهن کي دُنيا جي ذليل دَولت جي لالَچ هجي، جڏهن ته الله وارا ته قَناعت جي قيمتي دولت سان مالا مال هوندا آهن، الله وارن جي نظر دولتمندن جي فاني مال تي نه بلڪ الله وارن کي رَحمتِ الٰهي تي ڀروسو هوندو آهي۔

ياد رهي! مالدارن جي دولت جي سبب انهن جي تعظيم ڪرڻ شرعاً منع آهي، جيئن مَنقُول آهي: جيڪو ڪنهن مالدار جي ان جي مالدار هئڻ سبب آجيان ڪري، ان جو ٻه ٽِهائي دِين ويندو رهيو۔ (ڪشْفُ الخِفاء ،۲ / ۲۱۵،رقم: ۲۴۴۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جو ڪم صرف نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ آهي، مڃرائڻ اسان جو ڪم نه آهي۔البت جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن غَير شرعي ڪم کي روڪڻ جي قُدرت (Power) آهي، ته ان کي روڪڻ به ضروري ٿيندو۔

ياد رهي! نيڪي جي دعوت جا ڪجھ درجا آهن۔ هنن درجن جي ڪجھ تفصيل ٻڌون ٿا جيئن،

حُجّةُ الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نيڪي جي دعوت جا درجا بيان ڪندي فرمائن ٿا: (1) ڪنهن جاهل کي حق ڳالھ ٻڌائڻ۔ يعني جنهن کي شَرعي حڪم مَعلُوم نه هجي، ان کي شَرعي حڪم ٻڌائڻ۔ (مثال طور وياج جي ڏيتي ليتي ڪرڻ واري کي هي ٻڌائڻ ته اهو ڪم حرام آهي، تنهنڪري اوهان کي هن کان ضَرور بچڻ گھرجي) (2) نَرم گُفتگو جي ذَريعي وَعظ ۽ نصيحت ڪرڻ۔ (جيئن غيبت ڪرڻ واري کي سمجھائيندي نَرم لهجي