Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع به نهايت اهم آهي ۽ اهو آهي” اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِم اَجمَعِين جا پاڪيزه وصف“۔ جنهن ۾ اسان حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين نيڪ ٻانهن جو ذڪرِ خير ٻڌنداسين۔ مثال طور اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا عبادت گذار هئا، ان بابت ڪجھ واقعا ٻڌڻ سان گڏوگڏ ٻين اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِم اَجمَعِين جي عبادت ۽ رياضت بابت به ٻڌنداسين۔ ضمناً عبادتِ الٰهي جي اهميت ۽ ان جي فائدن بابت ڪجھ مدني گل به بيان ٿيندا۔ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽ ٻين اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِم اَجمَعِين ۾ موجود هڪ زبردست وصف ”خوفِ خدا“ بابت ڪجھ واقعا بيان ڪيا ويندا ۽ گڏوگڏ خوفِ خدا جي اهميت (Importance) ۽ ان جا فائدا به ذڪر ڪيا ويندا ۔ ان کان پوءِ علمِ دين جي اهميت ۽ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهِم اَجمَعِين جي علمِ دين سکڻ جا ڪجھ واقعا به پيش ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد