Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

تفسير صِراطُ الجِنَان جلد 8 صفحي نمبر21 تي هن آيت سڳوري تحت لکيل آهي: يعني جهڙي طرح اڳوڻي زماني ۾ جاهليت واريون عورتون بي پرده رهنديون هيون اهڙي طرح توهان بي پردگي جو مظاهرو نه ڪريو۔ اڳوڻي ۽ بعد واري جاهليت جي زماني بابت مفسرن جا مختلف قول آهن، انهن مان هڪ قول اهو آهي ته اڳوڻي جاهليت مان مراد اسلام کان پهريان جو زمانو آهي، هُن زماني ۾ عورتون آڪڙجي نڪرنديون هيون ۽ پنهنجي زينت ۽ حسن کي ظاهر ڪنديون هيون ته جيئن غير مرد انهن کي ڏسن، لباس اهڙو پائينديون هيون جن سان جسم جا عضوا چڱي طرح نه ڍڪجن ۽ پوئين جاهليت مان آخري زمانو مراد آهي جنهن ۾ ماڻهن جا فعل اڳوڻن جي مثل ٿي ويندا۔ (خازن، الاحزاب، تحت الآيۃ: ۳۳، ۳/۴۹۹، جلالين، الاحزاب، تحت الآيۃ: ۳۳، ص۳۵۴، ملتقطاً)

اچو! گڏجي بارگاھ اِلٰهي ۾ دُعا ڪريون ٿا:

دیدے پردہ بہو بیٹیوں کو

ہم سبھی کو حقیقی حیا کی                   ماؤں بہنوں سبھی عورتوںکو

میرے مولیٰ تُو خیرات دیدے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

(3) ٽيون مدني گل اهو مليو ته جيڪو ماءُ پيءُ متقي ۽ پرهيزگار، عبادت گذار، شرم و حيا جا پيڪر ۽ مدني رنگ ۾ رنڱيل هوندا آهن ته اهي ئي خاصيتون انهن جي اولاد ۾ به منتقل ٿي وينديون آهن ۽ الله پاڪ اهڙن جي نسلن کي به سنواري ڇڏيندو آهي، جيئن ته

حضرت سيدُنا عبدُالله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: بيشڪ الله پاڪ انسان جي نيڪو ڪاري مان ان جي اَولاد ۽ اَولاد جي اَولاد جي اِصلاح فرمائيندو آهي، ان جي نسل ۽ ان جي پاڙي وارن ۾ ان جي حفاظت فرمائيندو آهي ۽ اهي سڀ الله پاڪ جي طرفان امان ۾ رهندا آهن۔ (تفسيردُرِّمَنثور،۵/۴۲۲)