Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان اسان کي ڪيئي مدني گل حاصل ٿيا، اچو! انهن مدني گلن جي خوشبوءَ سان اسان به پنهنجو حصو وٺڻ جي لاءِ گھڻي ڌيان سان ٻڌون ٿا: (1) الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، ٻانهن جي حقن جي معاملي ۾ انتهائي حُسّاس هوندا آهن، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها خوفِ خدا وارا هوندا آهن، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها فڪرِ آخرت جي نعمت کان مالا مال هوندا آهن، هڪ نامعلوم صوف کائڻ جي باري ۾ پنهنجو محاسبو ڪرڻ به الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صفتن ۾ شامل هو، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها پنهنجي قصور کي معاف ڪرائڻ خاطر ڪيئي ڪوششون ڪندا آهن۔

هاڻي ٿورو اسان به پنهنجو احتساب ڪريون ته ڇا اسان ۾ به اهي خوبيون موجود آهن؟ ڇا اسان به ماڻهن جا حق چڱي طرح ادا ڪريون ٿا؟ ڇا اسان جون دليون به خوفِ خدا سان سرشار آهن؟ ڇا اسان به پنهنجي عملن جو محاسبو ڪريون ٿا؟، ڇا اسان به پنهنجو قصور معاف ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪريون ٿا؟ ،افسوس! اڄڪلھ ته قرض جي نالي تي ماڻهن جا هزارين بلڪ لکين روپيا هڙپ ڪيا ويندا آهن، اڄڪلھ وڏي بي شرمي سان جائيدادن تي قبضا ڪيا ويندا آهن، اسلحي جي زور تي غريب ۽ ڪمزور ماڻهن کان پيسا ۽ موبائل کسيا ويندا آهن، اڄ بي رحم ۽ ظالم ماڻهو پيسن جي لاءِ بد مَست ٿي ننڍن ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين کي اغوا ڪري يا ته ان ويچارن کي جان سان ئي ماري ڇڏيندا آهن يا والدين کان اغوا براءِ تاوان جي نالي تي پيسا وٺي ڄڻ ته پنهنجي لاءِ ڪا وڏي ڪاميابي سمجھن ٿا، حالانڪ اهي ظالم ۽ نادان ماڻهو پنهنجي دُنيا ۽ آخرت کي تباھ وبرباد ڪري رهيا آهن، جي ها! ڪڏهن ته جيئري دُنيا ۾ ئي اهڙا ظالم ماڻهو ٻين جي لاءِ نشانِ عِبرت بڻجي ويندا آهن يا ڪڏهن ڪتي جي موت مارجي ويندا آهن، پر اهو ظلم ۽ زِيادتي جو ڪيترو بُرو نشو لڳل آهي جو هن مان عبرت حاصل نٿا ڪن، ياد رکو! هاڻي ته اهو سڀ آسان (Easy) لڳي رهيو هوندو، پر قِيامت ۾ تمام ڏکيو ٿي ويندو۔ جيئن اعليٰ حضر ت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل