Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

فڪر جي ڳالھ هي آهي ته ماءُ پيءُ ئي جيڪڏهن فيشن جا شوقين هوندا، ماءُ پيءُ ئي فلمون ڊِراما ڏسڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ جا شوقين هوندا، ماءُ پيءُ ئي بد عملي جو شڪار هوندا، ماءُ پيءُ ئي ضروري دِيني مسئلن کان ناواقف هوندا، ماءُ پيءُ ئي سُنّتن کان پاسو ڪندڙ هوندا، ماءُ پيءُ ئي بي پردگي ۽ بي حيائي ۽ طرح طرح جي باطني بيمارين جا شڪار هوندا ته اهڙن جو اولاد گھٽ ئي باعمل ۽ باڪردار ۽ عاشقِ رسول بڻجي سگھي ٿو۔ تنهنڪري ماءُ پيءُ کي گھرجي ته سڀ کان پهريان اهي پاڻ کي عِلم ۽ عمل جي زيور سان سينگارين خاص ڪري فرض علم سکن، نمازِ پنجگانه جو اِهتمام ڪن، تِلاوتِ قرآن کي پنهنجو معمول بڻائن، سُنّتون اپنائن، شرم ۽ حيا جا پيڪر بڻجن ۽ پنهنجي ظاهر ۽ باطن کي اسلامي تعليمات جي مطابق سنوارڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن اهي پنهنجي اَولاد جي صحيح طريقي سان مدني تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن۔

ياد رکو! اَولاد جي درست اسلامي طريقي سان مدني تربيت ڪرڻ، والدين جي اهم ترين ذميدارين ۾ شامل آهي، جيئن سيپاري 28 سورةُ التَّحرِيم جي ڇهين آيت سڳوري ۾ ارشادِخداوندي آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا وَّ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ (پ۲۸،التحريم:۶)

 (ترجمو ڪنزالايمان : اي ايمان وارؤ! پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي ان باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن)

تفسير صِراطُ الجِنان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو ته جتي مسلمان تي پنهنجي اِصلاح ڪرڻ ضروري آهي، اتي گھروارن جي اسلامي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ به ان تي لازم آهي، تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته اهو پنهنجي زال ٻارن ۽ گھر ۾ جيڪي فرد ان جي ماتحت آهن، انهن سڀني کي اسلامي احڪامن جي تعليم ڏي يا ڏياري، اهڙي طرح اسلامي تعليم جي ڇانوَ ۾ انهن جي