Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

بزرگي کي ڏسي ڪنهن به مُلازِم کي ڪجھ چوڻ جي همّت نه ٿي پر انهن ويندي ئي بادشاھ اڳيان سمورو واقِعو بيان ڪري ڇڏيو۔ بادشاھ چيو: سيد موسيٰ (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) کي هڪدم منهنجي درٻار (Court) ۾ پيش ڪريو!۔ پوءِ حضرت سيد مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه درٻار ۾ تشريف فرما ٿيا ته بادشاھ وڏي ڪاوڙ مان پڇيائين: منهنجن مُلازمن جي محنت کي ضائع ڪرڻ وارا اوهان ڪير ٿيندا آهيو؟ حضرت سيد موسيٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايائون: مان مُحتَسِب (يعني نگراني ڪرڻ وارو) آهيان ۽ مون پنهنجو فرض اَدا ڪيو آهي۔ بادشاھ چيائين: اوهان ڪنهن جي حڪم سان مُحتَسِب (يعني نگراني ڪرڻ وارا) مُقَرَّر ڪيا ويا آهيو؟ حضرت سَيد مُوسيٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه رُعب دار لهجي ۾ جواب ڏنو: جنهن جي حڪم سان توهان حڪومت ڪري رهيا آهيو۔ سندن جي ان ارشاد سان بادشاھ تي اهڙي رِقَّت طاري ٿي جو هو گوڏن تي مٿو رکي ويهي رهيو ۽ ڪجھ دير کان پوءِ مٿو کڻي عَرض ڪيائين: حُضُور! مَٽن کي ٽوڙڻ ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟

حضرت سيد ابُوصالح مُوسيٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمايو: توهان جي حال تي شفقت ڪندي ۽ توهان کي دُنيا ۽ آخرت جي رُسوائي ۽ ذِلّت کان بچائڻ خاطر ايئن ڪيم۔ خليفي تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ان حڪمت ڀري گفتگو جو گھڻو اثر ٿيو ۽ متاثر ٿي اهو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خِدمتِ اَقدس ۾ عَرض گُذار ٿيو: عاليجاه! اوهان منهنجي طرفان به مُحتَسِب (يعني نگراني ڪرڻ) جي منصب تي مامُور آهيو۔ پاڻ وڏي بي نيازي سان فرمايائون: جڏهن مان الله پاڪ جي طرفان مامُور آهيان ته پوءِ مون کي مخلوق جي طرفان مامُور ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي۔ انهي ڏينهن کان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ”جنگي دوست“ جي لَقَب سان مشهور ٿي ويا۔ (غوث پاڪ ڪے حالات، ص ۱۶ملخصاً)

اچو! شهنشاھ بغداد، حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ناناجان، رحمتِ عالميان، محبوبِ رحمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ فرياد ڪريون ٿا:

مجھے تم یارسولَ اللہ دے دو جذبَۂ تبلیغ                                شہا! دیتا پھروں نیکی کی دعوت یارسولَ اللہ