Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

شيطان جي خفيه وار کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

حضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شهزادي سَيد شيخ عبدالجبار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي باري ۾ فرمائن ٿا: جڏهن به والده محترمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ڪنهن اونداهي واري گھر ۾ تشريف کڻي وينديون هيون ته اها جڳھ چراغ جيان روشن bright)) ٿي ويندي هئي۔ هڪ موقعي تي منهنجا والد سڳورا سيدنا غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به اتي تشريف کڻي ويا، جيئن ئي انهن جي نگاھ ان روشني تي پئي ته اها روشني غائب ٿي وئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمايائون: اهو چراغ حقيقت ۾ شيطان هو، جيڪو توهان جي خدمت ڪندو هو ۽ توهان کي گمراه ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ان ڪري مون ان کي ختم ڪري ڇڏيو هاڻي مان تنهنجي ان روشني کي رحماني نور ۾ تبديل ڪيان ٿو، پوءِ ان کان بعد جڏهن به امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ڪنهن اونداهي واري گھر ۾ تشريف کڻي وينديون هيون ته اتي اهڙي روشني ٿيندي هئي جيئن چنڊ جي چانڊوڪي هوندي آهي۔ (بهجة الاسرار ،ص۱۹۶)

مری دوبٹی ناؤ کو دو سہارا                                             ذرا جلد آؤ اِدھر غوثِ اعظم

یہاں بھی سہارا وہاں بھی سہارا                                     اِدھر غوثِ اعظم اُدھر غوثِ اعظم

میں بغداد کا کوئی سگ ہوتا اور کاش!                            مجھے رکھتے تم باندھ کر غوثِ اعظم

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۵۸)

 سُبْحٰنَ الله! ٻڌو! اوهان ته پيرن جي پير، روشن ضمير، قُطبِ رَبّاني، محبوبِ سُبحاني، پيرِ لاثاني، غوثِ صمداني، پيرِ پيران، ميرِ ميران، شيخ سيدابو محمّد عبدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري شان ۽ شوڪت وارا آهن جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وجودِ مسعود جي برڪت سان شيطان ڀڄي ويو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زوجَهٔ محترمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ان مردود جي خفيه وار کان محفوظ ٿي ويون۔

معلوم ٿيو! شيطان وڏو مڪار آهي، اهو طرح طرح جا جادُوءَ وارا ڪرتب ( (Magical trickبه ڏيکاري ٿو، ان جي وار کان هميشه خبردار رهڻ گھرجي،