Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي ٻارن جي اَمڙ ۽ پنهنجي محرمات (مثال طور ماءُ، ڀيڻ وغيره) بلڪ پنهنجي رشتيدار اسلامي ڀائرن جي باري ۾ به اهو غور ڪرڻ گھرجي ته ڇا اسان کي ۽ انهن کي ڏسي قرآنِ پاڪ پڙھڻ اچي ٿو؟ نماز ۾ ڪَئي ويندڙ تلاوت ۽ پڙھي ويندڙ تسبيحات ۽ اذڪار ڇا اسان درست طريقي سان پڙھون ٿا؟ انهن کي درست ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪو انتظام ڪيو؟ (مثال طور مدارس المدينه، مدرسة المدينه بالغان، مدرسة المدينه بالغات يا بذريعه انٽر نيٽ Online قرآنِ ڪريم سکڻ جو اهتمام ڪيو؟) اسان ان جي لاءِ ڪهڙي ڪوشش ڪئي؟ جي ها! مشڪل کان مشڪل اينڊرائيڊ موبائل (android Mobile) ۽ خبر ناهي ڪيتريون ايپلي ڪيشنز (Applications) هلائڻ ته اچن ٿيون، پر افسوس! قرآنِ ڪريم ڏسي پڙھڻ نٿو اچي، بدقسِمتي سان ايترو به ناهي ايندو جنهن سان نماز ئي دُرست ٿي سگھي، ڇوته اهو سکڻ جي لاءِ نه اسان کي شوق آهي نه جذبو آهي ۽ نه ئي وقت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، غور ڪريو! ڪٿي! سوشل ميڊيا (Social Media) ۽ اِنٽرنيٽ جو غلط اِستعمال اسان جي قِيمتي وقت کي تباهي ڏانهن ته نه پيو ڌڪي۔ الله پاڪ اسان کي وقت جي قدر ڪندي تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني اِنعامات“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان جهڙي طرح اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي تلاوت جي شوق جو پتو پيو، اتي هي به معلوم ٿيو ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پيدائشي ولي آهن، سندن ڪرامتن جو ظهور پاڻ جي پيدا ٿيندي ئي شروع ٿي ويو هو ۽ امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي مبارڪ پيٽ مان ئي اَرڙهن (18) سيپارا ياد ڪري دنيا ۾ تشريف کڻي آيا هئا۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان به ڪجھ نه ڪجھ وقت ڪڍي تلاوتِ قرآنِ ڪريم جي سعادت ماڻيون، جيڪڏهن سکي ورتو آهي ته ٻين کي سيکاريون، وڏي عمر جا (بالغ) اسلامي ڀائر مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙھن يا پڙھائن ۽ وڏي عمر جون (بالغه) اسلامي ڀينرون مدرسة المدينه بالغات ۾