Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

مدرسة المدينه آن لائن“ جي ذريعي ڪم وبيش 65 ملڪن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون نه صرف دُرُست مَخارج سان قرآنِ پاڪ جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. بلڪ بنيادي اسلامي تعليمات مثال طور وُضو، غُسل، تَيمُّم، اَذان، نماز، زڪوٰة، روزو ۽ حج وغيره جا مسئلا به سکي رهيا آهن۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ (www.dawateislami.net) تي هن شعبي جي تفصيلي معلومات ۽ داخِله فارم به موجود آهي، تنهنڪري مدرسةُ المدينه آن لائن ۾ داخلي جا خواهشمند اسلامي ڀائر دعوتِ اسلامي جي هن ويب سائٽ جو (Visit) ڪن. (دورِ حاضر جي ضرورت جون تقاضائون هن شعبي جي ذريعي پورو ڪرڻ جي ڪوشش آهي، تنهنڪري هن شعبي جي فيس به آهي۔)۔

مِلا سلسلہ قادری فضلِ ربّ سے                                         میں ہوں کس قدر بَخْتْوَر غوثِ اعظم

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۵۵۷)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                           نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

”گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون “سنتون ۽ آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’101 مدني گل‘‘ مان ” گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب“ ٻڌون ٿا: ٭ جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو: بِسْمِ اللهِ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللهِ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا


 

 



[1]   مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵