Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

ٿي ويو ته جيڪو صوف مون کاڌو هو، اهو هن وڻ جو ئي آهي، ته پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ماڻهن کان ان وڻ جي مالڪ جي باري ۾ پڇيائون ته خبر پئي ته هن باغ جا مالڪ ته پنهنجي زماني جا مشهور عابد ۽ زاهد حضرت سَيدُنا عَبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آهن۔

غوثِ پاڪ جي نانا جان جو تعارف

ياد رهي! حضرت سَيدُنا عَبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جِيلان شريف جي بزرگن مان هئا ۽ نهايت مُتَّقِي، پرهيزگار ۽ باڪمال الله جا وَلِي هئا،

سيدنا عَبدُالله صومعي جو مقام ۽ رتبو

حضرت علامه شيخ ابومحمد اَلدَّارباني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت عَبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون دعائون تمام جلد قبول ٿي وينديون هيون۔ سندن مقام ۽ مرتبو بارگاھ الٰهي ۾ ايترو بلند ۽ اعلٰي هو جو جيڪڏهن پاڻ ڪنهن شخص کان (ڪنهن شرعي سبب جي ڪري ڪڏهن) ناراض ٿي ويندا هئا ته الله ڪريم ان شخص کان بدلو وٺندو هو ۽ جنهن سان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خوش ٿي ويندا هئا ته الله پاڪ ان کي انعام ۽ اڪرام سان نوازيندو هو۔ سندس جذبو جوانن کان وڌيڪ پُرجوش هو، جسماني ڪمزوري جي باوجود به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪثرت سان نفل ادا ڪندا ۽ ذڪرو اَذڪار ۾ مشغول رهندا هئا۔ الله پاڪ جي عطا سان حضرت عَبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان اڪثر غيب جون خبرون ٻڌائيندا هئا ۽ جيئن سندن فرمائيندا هئا حقيقت ۾ به ائين ئي ٿي ويندو هو، بيشڪ اها سندن جي هڪ شاندار ڪرامت هئي۔ (بهجة الاسرار،ذڪر نسبه وصفته،ص۱۷۲ملخصاً)

بهرحال جڏهن حضرت سَيدُنا ابُوصالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي باغ جي مالڪ حضرت سَيدُنا عبدالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾معلوم ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بنا ڪنهن دير جي سندن خِدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيا ۽ سڄو احوال ٻڌائڻ کان بعد انهن کان مُعافي گھريائون۔ حضرت عبدُالله