Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

جان جي خاندان، والدينِ مصطفيٰ، اهلِ بيتِ اطهار رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم ۽ اُمُّهاتُ المومنين رَضِىَ اللهُ عَنْهنَّ اَجْمَعِين جو ڪهڙو نه شان ۽ اعلي رتبو هوندو ۽ جن پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبت ماڻي، انهن چمڪندڙ تارن جو ڪهڙو نه مقام هوندو؟

هر صحابي نبي   جنّتي جنّتي          چار يارِ نبي         جنّتي جنّتي

صِدِّيق و عمر      جنّتي جنّتي          عثمانِ غني          جنّتي جنّتي

فاطمه ۽ علي      جنّتي جنّتي          معاويه ۽ علي      جنّتي جنّتي

حسن ۽ حسين به جنّتي جنّتي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اولياءِ ڪرام جي صحبت جون برڪتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جي صحبت بگڙيلن کي سنواريندي   آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت شيطان کان بچڻ جو ڪامياب ترين هٿيار آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت شيطان جي وارن کي سڃاڻڻ جو زبردست ذريعو آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت ربِّ ڪريم جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت نيڪين جو حريص ۽ گناهن کان نفرت ڪرڻ وارو بڻائيندي آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت دنيا ۽ آخرت جون ڀلائيون ماڻڻ جو نسخو آهي، اولياءِ ڪرام جي صحبت ولايت جي منزل تائين پهچائيندي آهي۔ مطلب ته اولياءِ ڪرام جي صحبت ۾ رهڻ وارو انسان انهن جي فيوض و برڪات سان خوب مالا مال ٿيندو آهي ۽ رضاءِ الٰهي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به الله ڪريم جا مقبول ولي بلڪه ولين جا سردار آهن، الله پاڪ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اها طاقت ۽ قوت بخشي آهي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه شيطان جي خفيه وارن کي نه صرف چڱي طرح سڃاڻن ٿا بلڪ الله پاڪ جي عطا سان انهن کي ناڪام بڻائڻ جو اختيار به رکن ٿا۔

  اچو! ٻڌون ٿا ته غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صحبت مان فيضياب ٿيڻ جي برڪت سان سندن جي گهرواري شيطان جي وار کان ڪيئن محفوظ رهيون، جيئن