Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

تربيت ڪري ته جيئن اهي به جهنم جي باھ کان محفوظ رهن۔ (تفسير صراط الجنان، ۱۰/۲۲۱) الله ڪريم تمام والدين کي پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي درست اسلامي طريقي جي مطابق مدني تربيت ڪري پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي جهنم جي باھ کان بچائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

رہے شاد و آباد میرا گھرانہ                                                کرم از پئے مُصْطَفٰے غوثِ اعظم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ اصلاحِ اُمّت ۽ اُمّتِ مُصطَفٰي جي خير خواهي جو بهترين ذريعو آهي، هي اهو عظيمُ الشّان ڪم آهي، جنهن کي تمام ئي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين بهترين انداز ۾ سرانجام ڏنو۔

اَلْحَمْدُلِلّٰه سرڪارِ بغداد، حضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والدِ گرامي حضرت سَيدُنا موسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به الله پاڪ جا مقبول ولي هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو سينو به اِصلاحِ اُمّت ۽ اُمت جي خير خواهي جي مقدس جذبي سان ڀريل هو، تنهنڪري پاڻ نبين ۽ ولين جي نقشِ قدم تي هلندي نيڪي جي دعوت جي هن عظيم فريضي کي چڱي طرح سرانجام ڏنائون۔ اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي انداز تي مشتمل هڪ دلنشين واقعو ٻڌون ٿا،

شراب جا مٽَ ٽوڙي ڇڏيا

حضرت سَيدُنا ابُوصالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڏينهن جامع مسجد ڏانهن وڃي رهيا هئا، ڏٺائون ته وقت جي بادشاھ جا ڪجھ مُلازِم شَراب جا مَٽ مٿي تي کڻي بادشاھ جي محل ڏانهن وڃي رهيا هئا۔ جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهو منظر ڏٺائون ته بُرائي کان روڪڻ جي مُقدَّس جذبي سان سرشار ٿي اڳتي وڌيا ۽ انهن مٽن کي ٽوڙي ڇڏيائون۔ سندن رُعب ۽ دَٻدَٻي، جَلال ۽