Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

پڙھن يا پڙھائن، پنهنجي مدني مُنّن ۽ مدني مُنّين کي مدارس المدينه ۾ داخل ڪرائن۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ ڪجھ نه ڪجھ وقت ڏئي پنهنجي قبر ۽ آخرت کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪن۔ ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني اِنعَامات“ جي مُطابِق روزانو فِڪرِ مدينه ڪندي هر مَدَني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذِميدار کي مَدَني انعامات جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔ ٭ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان جان ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهي، ٭ مدني اِنعامات تي عمل جي بَرڪت سان تلاوتِ قرآنِ پاڪ ڪرڻ ٻڌڻ جو ذوق ۽ شوق بيدار ٿيندو آهي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌو، جيئن

مدني انعامات جي رسالي جي بَرڪت

بابُ المدينه ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ کي ان جي علائقي جي مسجد جي امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هو، ان اِنفرادي ڪوشش ڪندي ان جي وڏي ڀاء کي مدني اِنعامات جو هڪ رِسالو تحفي ۾ ڏنو، هو گھر کڻي آيو ۽ پڙهائين ته حيران ٿي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اِسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست طريقو ڏنو ويو آهي۔ مدني انعامات جو رِسالو ملڻ جي بَرڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اُن کي نماز جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويو ۽  هاڻي پنج وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙهي مُبارَڪ به سجائي ورتي ۽ مَدَني انعامات جو رِسالو به ڀَريندا آهن۔

جو اپناتے ہیں ”مَدَنی اِنعام“ اکثر                                     انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم

(وسائل بخشش مرمم،ص۵۵۱)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح اسان جي غوثِ پاڪ جا نانا جان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه