Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ اسان ”سرڪارِ بغداد، حُضُورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خاندان“ جي شان ۽ عظمت مثال طور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِمَا (يعني پيءُ ۽ امڙ، Parents) جي تقويٰ، سندن نانا جان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا احوال، سندن پڦيءَ جان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي ڪرامت ۽ ان کان علاوه ڪيئي معلوماتي مَدَني گل ٻڌنداسين۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان توجھ ۽ دِلجمعي سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سرڪارِ بغداد، حُضُورغوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت عاليشان گھراڻي ۾ پيدا ٿيا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو خاندان زُهد ۽ تَقويٰ جي ڪري گھڻو مشهور هو۔ سندن والده جو نالو ”فاطمه بنتِ شيخ عبدُالله صَومَعِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِمَا“ هو، والده رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي ڪُنيت ”اُمُّ الخَير“ جڏهن ته لقب”اَمَةُ الجَبَّار