Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

رهي! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ اُمُّ الخير حضرت سَيدَتُنا فاطمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا (پنهنجي) وقت جي انتهائي نيڪ سيرت خاتون ۽ تقويٰ و پرهيزگاري جي پيڪر هيون۔ (سيرتِ غوث اعظم، ص۵۱ ملخصاً) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا ٻين کوڙ بهترين خوبين سان به آراسته هيون پر سندن ذات ۾ هڪ خاص (Special) ڳالھ اها به هئي ته پاڻ تلاوتِ قرآن جون گھڻيون شوقين هيون ۽ ايتري قدر ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ سندس جو معمول بڻجي چڪو هو جو محبوبِ رحماني، قنديلِ نوراني، شهبازِ لامڪاني شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي شڪمِ اطهر ۾ رهي پورا ارڙهن (18) سيپارا ياد ڪري ورتا هئا، جيئن

18 سيپارا ٻڌائي ڇڏيا

شهنشاھ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنجن سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو بِسْمِ اللّٰه پڙھڻ جي رَسم جي لاءِ ڪنهن بُزرگ وٽ ويٺا، اَعُوْذُبِالله مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجِيم ۽ بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيۡمِ پڙھي، پوءِ سورة فاتحه ۽ الٓمٓ کان وٺي 18 سيپارا ٻڌائي ڇڏيا۔ اُن بُزرگ چيو: پٽ! اڃا پڙھو۔ جواب ڏنائون: بس مون کي ايترو ئي ياد آهي ڇوته منهنجي امڙ کي به ايترو ئي ياد هو، جڏهن مان پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هئس، ان وقت اهي پڙھنديون هيون، مون ٻڌي ياد ڪري ورتو هو۔ (رساله منے ڪي لاش ص 4ملخصا)

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                                  اُونچے اُونچوں کے سَروں سے قدم اعلیٰ تیرا

سَر بَھلا کیا کوئی جانے کہ ہے کیسا تیرا                                اَولیاء ملتے ہیں آنکھیں وہ ہے تَلوا تیرا

مختصر وضاحت: اي اسان جا غوثِ پاڪ! اوهان جو مقام ۽ رتبو نهايت ئي بلند ۽ اعلٰي آهي ايستائين جو وڏن وڏن ولين سڳورن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اجمعين جي مبارڪ مَٿن کان به سندن جو قدم بلند آهي، سندن جي مبارڪ مَٿي جو مقام اسان ڀلا ڪيئن سمجھي سگھون ٿا حالانڪ سندن جي قدمن جو حال هي آهي جو اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اجمعين انهن کي چمڻ کي پنهنجي سعادت سمجھندا آهن۔