Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

۾ چوڻ: پيارا ڀاء غيبت ڪرڻ حَرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ پوءِ اوهان ڇو غيبت جي گُناھ ۾ مبتلا ٿيو ٿا؟ براءِ ڪرم ! غيبت ڪرڻ کان بچو ۽ پنهنجو اهو ذِهن بڻايو! ته نه غيبت ڪنداسين نه غيبت ٻڌانداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔(3) (نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ٽيون دَرَجو هي آهي ته خِلافِ شريعت ڪم ڪرڻ واري کي) بُرو ڀلو چوڻ ۽ ڇَنڊ پَٽڻ۔ بُرو ڀلو چوڻ مان مُراد هتي فحش ڪلامي نه بلڪ (اُستاد جو پنهنجي شاگرد، والدين جو پنهنجي اَولاد ۽ پير جو پنهنجي مُريد کي) هن طرح چوڻ: ”اي جاهل! اي نادان! اي نا سمجھ! ڇا تون الله پاڪ کان نٿو ڊڄين“ يا اهڙي طرح جا ٻيا الفاظ اِستعمال ڪرڻ۔ (4) (عُهدي ۽ منصب جي) غلبي جي ذَريعي عملاً روڪڻ مثال طور لَهو و لَعِب جو سامان ٽوڙي ڇڏڻ، شراب کي وهائي ڇڏڻ، ريشمي لباس کي ڦاڙي ڇڏڻ ۽ زبردستي ڪنهن جو حق کسڻ واري کان کسيل ڪپڙا ڦُري مالڪ کي موٽائڻ۔ (اهو آخري دَرَجو اهلِ اِقتِدار ۽ حڪومت جي لاءِ آهي) (احياءالعلوم،۲/۱۱۲۴ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت جي بيان ڪيل درجن تي هر هڪ کي عمل ڪرڻ ضروري ناهي بلڪ ان جون ڪجھ صورتون آهن۔ جيئن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب ”بهارِ شريعت“ جلد 3 صفحي نمبر 615 تي آهي: اَمْر ٌبِالْمَعْرُوْفِ وَ نَهي عَنِ الْمُنْکر (يعني نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان روڪڻ) جون ڪيئي صُورتون آهن: (1) جيڪڏهن غالب گمان اهو آهي ته هي (نيڪي جي عوت ڏيڻ وارو) انهن کي چوندو ته اهي ان جي ڳالھ مڃي وٺندا ۽ بُري ڳالھ کان پاسو ڪندا ته اَمْر ٌ بِالْمَعرُوف (نيڪي جي دعوت ڏيڻ) واجب آهي، ان (نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري شخص) کي چپ رهڻ جائز ناهي، خاص ڪري سيٺ، والدين، وڏا ڀاءُ ڀيڻ، دِيني منصب وارن مثال طور پير و مُرشِد، امام صاحب، استادن وغيره کي ان صورت ۾ پنهنجي ماتحتن ۽ ننڍن جي باري ۾ غور ڪرڻ لازم آهي۔ (2) جيڪڏهن غالب گمان اهو آهي ته هو (جن کي نيڪي جي دعوت ڏيندو ته اهي) طرح طرح جي تُهمت لڳائيندا ۽ گاريون ڏيندا ته (پوءِ نيڪي جي دعوت) ڇڏي ڏيڻ اَفضل آهي، (3) جيڪڏهن اهو