Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

مَعلُوم آهي ته اهي ان کي ماريندا ۽ هي صَبر نه ڪري سگھندو يا ان جي ڪري فِتنو ۽ فَساد پيدا ٿيندو، پاڻ ۾ جھيڙو ٿيندو، تڏهن به ڇڏي ڏيڻ اَفضل آهي، (4) جيڪڏهن معلوم هجي ته اهي (ماڻهو جن کي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي) جيڪڏهن ان کي ماريندا ته صَبر ڪندو ته انهن ماڻهن کي بُري ڪم کان مَنع ڪري ۽ اهو (نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارو) شخص راھ خدا ۾ وڙهڻ وارو آهي، (5) جيڪڏهن معلوم آهي ته اهي نه مڃندا، نه ئي ماريندا ۽ نه وري گاريون ڏيندا، ته ان کي اِختيار آهي ۽ اَفضَل هي آهي ته نيڪي جي دعوت ڏي ۽ بُرائي کان مَنع ڪري۔

اسان جي معاشري ۾ عام طور تي اها آخري صورت ئي اڪثر موجود هوندي آهي (يعني خبر آهي ته اهي نه مڃندا نه ماريندا ۽ نه گاريون ڏيندا)، ان تي عمل ڪري ثواب ڪمائڻ گھرجي، وڌيڪ ان جو فائدو اهو به ٿيندو ته جڏهن بُرائي جي خلاف ڳالهائڻ وارا وڌندا ته بُرائيون ختم ٿيڻ شروع ٿي وينديون ۽ هر گھر اَمن جو گهوارو بڻجڻ شروع ٿي ويندو، هر پاسي سُنّتن جون مدني بهارون اچي وينديون، نفرتن جون دِيوارون محبتن جي فضائن ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي وينديون، ڪيئي ڪيئي سالن کان جدا ٿيل خاندان پاڻ ۾ ملي ويندا، رُٺل پرچي پوندا، صحابه ۽ اهلبيت رَضِىَ اللهُ عَنْهمْ اَجْمَعِينْ جي مبارڪ دَور جي ياد تازه ٿي ويندي۔

مجھے  تم  ایسی دو  ہمّت  آقا،                                                  دُوں سب کو نیکی کی دعوت آقا

بنا دو مجھ کو بھی نیک خصلت،                                                   نبیِّ   رَحمت   شفیعِ   اُمّت

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

امڙ سائڻ جا وصف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والدِ محترم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔اچو! هاڻي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي باري ۾ به ڪجھ ٻڌون ٿا۔ ياد