Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

صورتِ حال جي بلڪل ئي ابتڙ (Opposite) هو، ڇا ٿا ڏسن ته سندن زوجه محترمه جا ته تمام ئي عضوا صحيح ۽ سالم آهن ۽ انهن جي حُسن وجمال اڳيان چوڏهين رات جو چنڊ به شرمائي رهيو آهي۔ اهو منظر ڏسي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نئين ڪنوار جي ويجھو تائين نه ويا بلڪ اتان ئي واپس موٽي آيا ۽ حضرت سَيدُنا عَبدُالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان معاملو اچي عرض ڪيائون۔ انهن فرمايو: پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي! توهان جي گهرواري اها ئي آهي جنهن کي توهان هاڻي ڏسي اچو پيا، ڳالھ اصل ۾ هي آهي ته مون پنهنجي نياڻيءَ جون جيڪي جيڪي ڳالهيون توهان سان بيان ڪيون هيون اهي سڀ جون سڀ ان ۾ موجود آهن، ”اها اکين کان انڌي آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”نامَحرم جي لاءِ ان جون اکيون انڌيون آهن“، ”ڪنن کان ٻوڙي آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”ناحق ڳالھ ٻڌڻ جي لاءِ ان جا ڪن ٻوڙا آهن“ ، ”هٿن کان معذور آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”غير مردن جي لاءِ هن جا هٿ معذور آهن“ ۽ ”پيرن کان معذور آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”پنهنجي مڙس جي حڪم جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ ان جا پير ناهن“۔ جڏهن حضرت سَيدُنا ابُو صالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سَيدُنا عبدالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زباني پنهنجي نئين ڪنوار بابت وضاحت ٻڌي ته سندن دل کي قرار اچي ويو، پڻ دل ۾ پنهنجي زال جي اهميت اُجاگر ٿي وئي ۽ الله پاڪ جي فضل وڪرم سان سندن کي پنهنجي زماني جي زبردست وَلِي الله جي نهايت ئي بهترين خوبين سان آراسته خوبصورت ۽ خوب سيرت ڌيءَ جو مڙس ٿيڻ جو شرف نصيب ٿيو۔ (سيرتِ غوثِ اعظم ، ص۲۶ملخصاً)

شہا! کاش قُفلِ مدینہ لگا لوں                                             زباں پر بھی اور آنکھ پر غوثِ اعظم

شہا نفسِ اَمَّارہ مَغلوب ہو اب                                          ہو شیطان کا دُور شَر غوثِ اعظم

تمہیں میرے حالات کی سب خبر ہے                               پریشاں ہوں میں کس قدر غوثِ اعظم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد