Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيئن ته ولايت جي اعليٰ مرتبي تي فائز هئا، تنهنڪري پاڻ سمجھي ويا ته هي شخص الله ڪريم جي مقبول ٻانهن مان هڪ ٻانهو آهي، تڏهن ته پنهنجو قصور معاف ڪرائڻ جي لاءِ ايترو ڊگھو سفر ڪري هتي آيو آهي۔ پوءِ حضرت سَيدُنا عبدالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهن جي ڳالھ ٻڌي فرمايائون: ٻارهن (12) سال اسان جي خدمت ۾ رهندؤ، ته پوءِ معافي ملندي، قربان ٿجي! حضرت سَيدُنا ابُو صالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي جن بنا ڪنهن بحث ۽ تڪرار جي، هن شرط کي خُوشي سان منظور ڪري ورتو توڙي جو شرعي طور اهڙي طرح قصور مُعاف ڪرائڻ لازم نه هو ۽ ٻارهن (12)سالن تائين پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صحبتِ بابرڪت ۾ رهي انهن جي خدمت ڪندا رهيا۔ جڏهن 12 سال پورا ٿي ويا ته اڳيون امتحان (Next trial) سندن استقبال ڪرڻ جي لاءِ تيار هو ۽ هن ڀيري امتحان شايد پوئين امتحان کان عجيب ۽ سخت هو، اهو هي ته ولي ڪامل حضرت سَيدُنا عَبدُالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سَيدُنا ابُو صالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي فرمايو: هڪ خِدمت ٻي به آهي ۽ اها هي ته منهنجي هڪ نياڻي آهي، جنهن ۾ چار (4) عيب آهن، (1) اکين کان انڌي آهي، (2) ڪنن کان ٻوڙي آهي، (3) هٿن کان معذور آهي ۽ (4) پيرن کان(اپاهج) آهي، توکي ان سان نڪاح به ڪرڻو پوندو ۽ ٻن (2) سالن تائين اڃان وڌيڪ منهنجي خدمت به ڪرڻي پوندي، ان کان پوءِ جتي تنهنجي دل ڪري هليو وڃجانءِ۔

 حضرت سَيدُنا ابُو صالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جيئن ته اسلامي تعليمات کان آگاھ، خوفِ خدا جا پيڪر ۽ مدني سوچ رکڻ وارا هئا، تنهنڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن شرط کي به قَبول ڪري ورتو۔ هاڻي سندن جو ٻيو امتحان به شروع ٿي ويو، حضرت سَيدُنا عَبدُالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي شهزادي جو نڪاح پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان ڪري ڇڏيائون، نڪاح کان پوءِ جيئن ئي پنهنجي گهرواريءَ جي سامهون آيا ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويا ڇوته نگاهن اڳيان جيڪو منظر ڏسڻ اچي رهيو هو اهو ٻڌايل