Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

ڇا اسان دل ۾ بُرو سمجھون ٿا؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ضمير کان سُوال ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن کي گناھ ڪندو ڏسي هٿ يا زبان سان روڪڻ ۾ پاڻ کي بيوس ڏسڻ جي صورت ۾ ڇا اسان دل ۾ بُرو سمجھون ٿا؟ صد ڪروڙ افسوس! ٻارن جي امڙ ماني پچائڻ ۾ دير ڪري ڇڏي، کاڌي ۾ لوڻ تيز ٿي وڃي، پٽ اسڪول جي موڪل ڪري ڇڏي اسان تي ناگوار گذرندو آهي پر گھر وارن جون روزانو پنجئي نمازون قَضا ٿي رهيون هجن ته نرڙ تي گھنج  به نه اچي، انهن کي سمجھائڻ جي ڪوشِش تائين ناهي ڪئي ويندي۔ ٿورو سوچيو! مَثال طور ميوزِڪ وڄي رهيو آهي، بيشڪ روڪڻ تي قُدرت ناهي پر ڇا اهو اسان جي دل ۾ کٽڪندو آهي؟ ڇا ان کي بُرو محسوس ڪندا آهيون؟ جي نه، ان ڪري جو خود پنهنجي موبائل ۾ به ته معاذ الله ’’ميوزيڪل ٽيون (Musical tune)‘‘موجود هونديون آهن! ٻه ماڻهو گهٽي ۾ گارگند ڪري رهيا آهن، برو لڳو؟ جي نه، ڇو؟ ان ڪري جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي منهن مان به معاذ الله گار نڪري ئي ويندي آهي، فُلاڻي ڪوڙ ڳالهايو؟ ڇا اسان کي برو لڳو؟ جي نه، ڇو؟ ان ڪري جو پنهنجي زبان مان به معاذ الله ڪوڙ نڪري ئي ويندو آهي، اهي مثال صِرف چوٽ ڪرڻ جي لاءِ آهن، نه ته ڪيئي ماڻهن جي حالت اها آهي جو پنهنجي فون ۾ ميوزيڪل ٽيون ناهي، گار ۽ ڪوڙ جي عادت ناهي، پوءِ به ’’دل ۾ بُرو سمجھڻ‘‘ جو ذهن ناهي هوندو، جيڪڏهن رضاءِ الٰهي جي لاءِ حقيقي معني ۾ بُرائي کي دل ۾ بُرو سمجھڻ جي سوچ بڻجي وڃي، ڪڙهڻ جي عادت پئجي وڃي ته پوءِ مُعاشَري ۾ اِصلاح جو دَور اچي وڃي ڇوته جڏهن اسان بُرائين کي دل سان بُرو سمجھڻ ۾ پاڻ پڪا ٿي وينداسين، ته ٻين کي سمجھائڻ به شروع ڪنداسين، اهڙي طرح هر پاسي سنّتن جون بهارون اچي وينديون ۽ ’’نيڪي جي دعوت ‘‘ جي ڌوم مچي ويندي، الله پاڪ اسان جي حال تي رَحم فرمائي ۽ اسان کي عقلِ سليم ڏي ته جيئن اسان به خوب خوب نيڪي جي دعوت ۽ آقا ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنَّت جي ڌوم مچائڻ وارا بڻجي وڃون۔

هن حڪايت مان هڪ مدني گل هي به مليو ته عالمِ مدينه حضرت سَيدُنا امام