Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

وَسَلَّمَ جي ذات ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ تعاليٰ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان تعلق رکڻ وارن جي بي ادبي ۽ گستاخي ڪرڻ وارن کان بچون ۽ ٻين کي به بچايون۔

جيڪڏهن اسان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهنداسين ته نه صرف عشقِ مصطفي نصيب ٿيندو بلڪ ان جون تقاضائون پوريون ڪرڻ جي سوچ به نصيب ٿيندي، الله ڪريم اسان سڀني کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنَّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                           نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

هلڻ جون 15 سنتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي”163 مدني گل“مان هلڻ جون 15 سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ سيپاري 15 سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ ارشاد ربُّ العِبَاد آهي:

وَ لَا تَمْشِ فِی الْاَرْضِ مَرَحًاۚ-اِنَّكَ لَنْ تَخْرِقَ الْاَرْضَ وَ لَنْ تَبْلُغَ الْجِبَالَ طُوْلًا(۳۷) (پ۱۵،بني اسرائيل:۳۷)

 ترجموڪنزالايمان:۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .