Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

وڇونءَ  16ڏنگ هنيا پر درسِ حديث جاري رکيائون

حضرت سيدُنا عبدالله بن مبارَڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه جن فرمائن ٿا؛ حضرت سيدنا ابو عبدالله امام مالڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ تعاليٰ عَلَيۡه حديث جو درس ڏئي رهيا هئا ته وڇونءَ 16 دفعا ڏنگ هنيا، سور جي شدت جي ڪري چهرو مبارڪ ڦڪو (يعني پيلو) ٿي پيو پر حديث جو درس جاري رکيو ۽ (پاسو ئي نه ورايائون) ۽ جڏهن درس ختم ٿيو ته ماڻهو هليا ويا ته مون عرض ڪيو؛ اي ابو عبدالله! اڄ مون اوهان ۾ هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي آهي جو وڇونءَ اوهان کي 16 ڏنگ هنيا، پر اوهان پاسو تائين نه ورايو؟ هن ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟ فرمايائين؛ مان حديث رسول جي تعظيم جي ڪري صبر ڪيو۔ (الشفاء ،۲ /۴۶ )

جو ہے باادب وہ بڑا بانصیب اور                                         جو ہے بے ادب وہ نہایت بُرا ہے

چهري جو رنگ بدلجي ويندو هو

حضرت سَيدُنا مُصعَب بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سامهون نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر ڪيو ويندو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي چهري جو رنگ بدلجي (Change) ويندو هو ۽ چيلھ مبارڪ جھڪي پوندي هئي، هڪ ڏينهن حاضرين امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ان جي ان ڪيفيت جي باري ۾ پڇيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: جيڪو ڪجھ مون ڏٺو آهي، توهان ڏسو ها ته مون تي اعتراض نه ڪيو ها. مون قارين جي سردار حضرت سَيدُنا محمد بن منڪدِر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان جڏهن به ڪا حديث پڇا ڪئي ته هو عظمتِ حديث ۽ يادِ رسول ۾ روئي پوندا هئا ايستائين جو مون کي ان جي حال تي رحم اچڻ لڳندو هو۔ (الشفاء،الباب الثالث، ۲/۴۲ملخصاً) اي ڪاش! اسان کي به عشقِ رسول ۽ يادِ نبي ۾ روئڻ نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

ترے عشق میں کاش! روتا رہوں میں                              رہے تیری اُلفت سے معمور سینہ