Book Name:Imam Malik ka ishq e Rasool

امامِ مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۽  تعظيمِ خاڪ مدينه

حضرت سَيدُنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرت سيدنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دروازي تي خراسان ۽ مصر جا گهوڙا ٻڌل ڏٺا، ايترا اعليٰ قسم جا گهوڙا مون ڪڏهن به نه ڏٺا هئا، ان ڪري مون عرض ڪيو؛ اهي گهوڙا ڪيڏا نه بهترين آهن؟ پاڻ فرمايائون؛ مان اهي سڀ تو کي تحفي ۾ ڏيان ٿو، مون عرض ڪيو؛ پنهنجي لاءِ ته هڪ گھوڙو رکي ڇڏيو فرمايائون؛ مون کي الله پاڪ کان حياءُ ٿيو ٿئي ته هن مبارڪ زمين کي پنهنجي گهوڙي جي پيرن هيٺان لتاڙيان جنهن ۾ الله پاڪ جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هجن۔  (احياء علوم الدين،ڪتاب العلم،باب ثاني في العلم المحمود والمذموم واقسامھما واحڪامھما،ج۱/ ۴۸)

ہاں ہاں رہِ مدینہ ہے غافل ذرا تو جاگ                                  او پاؤں رکھنے والے یہ جا چشم  و سر کی ہے

اللہُ اکبر! اپنے قدم اور یہ خاکِ پاک                                 حسرت ملائکہ کو جہاں وَضْعِ سَر کی ہے

 

شعر جي وضاحت: پهرين شعر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني پاڪ ويندڙ عاشقن کي نصيحت جا مدني گل ڏيندي فرمائن ٿا ته اي عاشقِ مدينه! ياد رک! تون ڪنهن معمولي هنڌ تي نه پيو وڃين بلڪ مديني جي سفر تي پيو وڃين، تنهنڪري غفلت کي ڇڏي ۽ عشقِ رسول سان سرشار ٿي هل ۽ ياد رک ته مديني جي راهه جي عظمت ته اها آهي جو ان تي پير رکي هلڻ بدران اکين ۽ مٿي ڀر هلڻ گھرجي۔

ٻي شعر ۾ مديني جي زمين سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله اڪبر! اسان جا قدم ان خاڪ پاڪ تي آهن جنهن کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمين شريفين جي چمڻ جي سعادت ملي آهي ۽ جتي ملائڪ به پنهنجو مٿو رکڻ جي حسرت رکن ٿا۔